ڪاليجز کاتي ۾31 ڊسمبر تائين بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو

ڪاليجز کاتي ۾31 ڊسمبر تائين بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾31 ڊسمبر تائين بدلين ۽ مقررين تي پابندي لاڳو، ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته کاتي ۾ 31 ڊسمبر تائين سمورين بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائي وئي آهي، نوٽيفڪيشن ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو آهي ته ترقين ۽ نئين ڀرتين جي صورت ۾ انتظامي عهدن ۽ پرنسپالز جون بدليون ۽ مقرريون ٿي سگھنديون.