| ڪاليجن جا استاد ترقيءَ کان محروم: صوبي جي اڌ کان وڌيڪ ڪاليجز کي مستقل پرنسپل نه مليا |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي ڪاليجن جا استاد ترقيءَ کان محروم آهن، جڏهن ته ترقي ماڻيندڙ چيف ڊي پي ايز ۽ لائبريرينز جا پوسٽنگ آرڊر به جاري نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري صوبي ڀر ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪاليج مستقل پرنسپل ۽ ڊي ڊي او کان محروم آهن، ڪاليج کنڊر بڻجندا پيا وڃن، سنڌ جي تعليم واري وزير جي اعلان باوجود فائيـو ٽئير فارمولو سردخاني جي نذر ٿي ويو، اڄ سيڪريٽري ڪاليجز سان ملاقات ڪئي ويندي، هوڏانهن سپلا جي هاءِ پاور ڪميٽي جو اجلاس 8 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي. سپلا سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن (سپلا) جي مرڪزي صدر منور عباس، سيڪريٽري جنرل غلام مصطفىٰ ڪاڪا سميت ٻين اڳواڻن پروفيسر مشتاق ڦلپٽو، محمد عادل خواجه، عبدالحليم درس، شبانه افضل، ڊاڪٽر ملھار سنڌي، سيد جڙيل شاهه، پروفيسر آصف منير، خرم رفيع، زڪيه ٽالپر، پروفيسر لعل سوهو، پروفيسر افشين پيرزادو، ڊاڪٽر وڪرم ڪمار، حسن ميربحر، پروفيسر شوڪت علي سمون، عبدالرشيد ٽالاني، نھال اختر، غفران الله بلوچ، مرتضىٰ سولنگي، احمد علي خان، سانول گھوٽو، ڪنول مجتبيٰ، محمد جمال، شفق زھرا، عدنان الله خان، سيد وسيم علي شاهه نقوي، صديق پنھور ۽ ٻين گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته استادن کي روڊن تي نڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت شروعات کان ئي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي کي سنجيدگي سان ناهي ورتو. خوشقسمتي سان جيڪڏهن ڪو سٺو سيڪريٽري ڪاليجز مقرر ٿئي ٿو ته ڪجهه مهينن اندر ئي کيس تبديل ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب سنڌ جا ڪاليج، شاگرد ۽ استاد لڳاتار لاپرواهي جو شڪار ٿيندا پيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ ڪاليجن ۾ نه مستقل پرنسپل موجود آهي ۽ نه ئي ڊي ڊي او، جنهن سبب ڪاليجن جو انتظامي نظام بري طرح متاثر ٿي رهيو آهي. ڪاليجن ۾ چپڙاسي ۽ سويپر نه هجڻ سبب شاگرد گندگيءَ ۾ ويهڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ٻئي طرف سنڌ جا ڪاليج استاد ترقيءَ کان محروم آهن. سپلا اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي نااهليءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي. گريڊ 18 کان 20 تائين مجموعي طور هزارين سيٽون خالي هجڻ باوجود نه ميل ليڪچررز جي ترقي لاءِ ڊي پي سي ٿي سگهي ۽ نه ئي سليڪشن بورڊ ون ۽ سليڪشن بورڊ ٽو ٿيڻ باوجود ڪاليج استاد ايندڙ گريڊ ۾ ترقي ماڻي سگهيا، جنهن جي ذميواري سڌي طرح ڪاليج ايجوڪيشن کاتي تي عائد ٿئي ٿي. بيان ۾ چيو ويو ته کاتي جي عدم توجهي سبب گريڊ 19 ۾ ترقي ماڻيندڙ چيف ڊي پي ايز ۽ چيف لائبريرينز جا پوسٽنگ آرڊر اڃا تائين جاري نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته ڊي پي ايز ۽ لائبريرينز جي پنج مهينا گذرڻ باوجود ڊي پي سي جا منٽس به جاري ناهن ٿي سگهيا. سپلا اڳواڻن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ تعليم واري وزير جي واضح اعلان باوجود ڪاليج استادن جي ديرينه مطالبي، فائيـو ٽئير فارمولي، تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، بلڪه ان کي سردخاني جي نذر ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ڪاليج استاد پنهنجن ننڍن ننڍن مسئلن جي حل لاءِ روزانو خوار ٿين ٿا.سپلا اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سومر (اڄ) سيڪريٽري ڪاليجز سان سپلا جو وفد ملاقات ڪري پنهنجا تحفظات پيش ڪندو، جنهن کان پوءِ خميس 8 جنوري تي سپلا جي هاءِ پاور ڪميٽي جي اجلاس ۾احتجاجي لائحه عمل ترتيب ڏنو ويندو.