ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين به اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائي ڇڏي
ان حوالي سان ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري ڊي جي ڪاليجز، ڪراچي، حيدرآباد،. سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي سمورن
ريجنل ڊائريڪٽرن کي خط لکي کين اليڪشن ڪميشن جي حڪمن کان آگاهي ڏيندي کين بدليون ۽ مقرريون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.