ڪامن ويلٿ گيمز: جيولن ٿرو جي فائنل ۾ ارشد نديم ناڪام، سون جو تمغو سريلنڪا جي نانءُ

ڪامن ويلٿ گيمز: جيولن ٿرو جي فائنل ۾ ارشد نديم ناڪام، سون جو تمغو سريلنڪا جي نانءُ

گلاسگو (اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز جي جيولن ٿرو مقابلي جي فائنل ۾ پاڪستان جو ارشد نديم ميڊل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو ۽ سون جو تمغو سريلنڪن جيولن ٿرور جي نالي رهيو. گلاسگو ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز ۾ جيولن ٿرو جي فائنل ۾ ارشد نديم بهترين ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو. فائنل ۾ ارشد نديم جو پهريون ٿرو ضايع ٿيو، ٻيو ٿرو 77.41 ميٽر ۽ ٽيون ٿرو 75.39 ميٽر رهيو. فائنل ۾ ارشد نديم 12 ايٿليٽس ۾ نائين نمبر تي آيو. سريلنڪا جي روميش ٿارانگا جيولن ٿرو مقابلي ۾ گولڊ ميڊل کٽي ورتو. هن 89.75 جي بهترين ٿرو سان سون جو تمغو کٽيو. ڀارت جي نيرج چوپڙا جي ٻي ۽ ڀارت جي ئي يش وير سنگهه جي ٽئين پوزيشن رهي. نيرج چوپڙا جو بهترين ٿرو 85.83 ميٽر رهيو. واضح رهي ته پاڪستان جي ارشد نديم سميت جيولن ٿرو جي فائنل ۾ 12 ايٿليٽس شريڪ ٿيا. دفاعي چيمپئن ارشد نديم پنهنجي سوني تمغي جو دفاع ڪرڻ لاءِ ميدان تي لٿو هو. ارشد نديم ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ 78.63 ميٽر جي بهترين ٿرو سان ستين پوزيشن حاصل ڪندي مردن جي جيولن ٿرو جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو هو.