ڪامن ويلٿ گيمز: واحد ميڊل کٽيندڙ باڪسر فاطمه زهرا واپس پهچي وئي

ڪامن ويلٿ گيمز: واحد ميڊل کٽيندڙ باڪسر فاطمه زهرا واپس پهچي وئي

لاهور (اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز گلاسگو ۾ پاڪستان لاءِ واحد ميڊل کٽيندڙ باڪسر فاطمه زهرا وطن واپس پهچي وئي. لاهور ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، راندين سان وابسته شخصيتن ۽ مداحن قومي هيروئن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. پاڪستان جو جھنڊو عالمي سطح تي بلند ڪندڙ قومي باڪسر فاطمه زهرا لاهور ايئرپورٽ پهتي ته سندس استقبال هڪ فاتح رانديگر جي شايان شان انداز ۾ ڪيو ويو. ايئرپورٽ قومي جھنڊن، گلن ۽ نعري بازي سان گونجي اٿيو. فاطمه زهرا کي گلن جا هار پارايا ويا، گلدستا پيش ڪيا ويا، خالد محمود سميت پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي ٻين عهديدارن جي خوشي به ڏسڻ وٽان هئي. گلاسگو ۾ ٿيندڙ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ فاطمه زهرا 60 ڪلوگرام ويٽ ڪيٽيگري ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهره ڪندي برونز ميڊل پنهنجي نالي ڪيو، اهو پاڪستان جو انهن راندين ۾ واحد ميڊل هو. فاطمه زهرا جي تاريخي ڪاميابي صرف هڪ برونز ميڊل تائين محدود ناهي پر اها ان عزم، محنت ۽ حوصلي جي علامت آهي جنهن پاڪستان جي راندين جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ڪيو آهي.