ڪامورا وي سي مقرر ٿيندا: وائيس چانسلر هر حالت ۾ پروفيسرن جو احتجاج ختم ڪرائين: مرادشاهه
جنوري 24, 2025
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته آئون مڃان ٿو ته منهنجي دور ۾ اهڙا به وائيس چانسلر مقرر ٿيا، جن تي جنسي هراسمينٽ جا الزام لڳا، انهن جي نالن جي به اوهان کي خبر هوندي،اهي عدالتن مان اسٽي وُٺي ايندا هئا، آئون انهن کي ڪوشش باوجود ڪڍي نه سگهيس، هڪ ٻئي وائيس چانسلر وري فراڊ ڪندي فرانسيسي ٽيم جي سفري خرچن (ٽڪيٽس ۽ هوٽل جي خرچ )جي مد ۾ يونيورسٽي اڪائونٽ مان فنڊ ڪڍرايا، جيتوڻيڪ اها ٽيم اڳ ۾ ئي پنهنجا ذاتي خرچ ڪري چڪي هئي. جڏهن اها خبر پرڏيهي مهمانن کي پئي ته انهن خط لکي چيو ته اسان پاڻ بل جا پئسا ادا ڪيا هئا، آئون اڄ تائين انهي وائيس چانسلر کي ڪڍي نه سگهيو آهيان، ڪالهه هتي ايڪسپو سينٽر ۾ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (سنڌ هيڪ) پاران ڪوٺايل چوٿين ريسرچ اينڊ ٽيڪنالاجي شوڪيس 2025ع کي خطاب ڪندي هن چيو ته وائيس چانسلرن جي چونڊ سرچ ڪاميٽي ڪندي آهي، وي سي جي عهدي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ قابليت پي ايچ ڊي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري يونيورسٽيون خراب انتظامي صورتحال سبب تباهي جي ڪناري آهن، ڪابينا اهڙي صورتحال ۾ مادرعلمين ۾ سڌاري لاءِ ڪامورا وسي وي مقرر ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اهڙو بل اسيمبلي ڏانهن موڪليو آهي، ڪجهه وائيس چانسلرن ۽ مفاد پرستن انهي ترميم خلاف استادن کي احتجاج لاءِ ڀڙڪايو آهي پر اسان ڄاڻون ٿا ته قانون ڪيئن لاڳو ڪيو ويندو آهي؟ آئون لاڳاپيل وائيس چانسلرن کي خبردار ڪري رهيو آهيان ته اهي پنهنجن يونيورسٽين ۾ استادن جو احتجاج بند ڪرائين، ٻي صورت ۾ آئون اوهان جو احتساب ڪندس. هن چيو ته اڄ صبح هڪ اخبار جي خبر پڙهي، ٻن وائيس چانسلرز سان فون تي ڳالهايم ته اوهان ڇو گوڙ ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي وائيس چانسلرز جواب ڏنو ته اسان جي يونيورسٽيز ۾ ڪوبه احتجاج نه ٿي رهيو آهي، ڪجهه يونيورسٽيز جا استاد گڏ ٿيندا آهن، افسوس سان پروفيسرز کي ڪاريون رڍون سڏيو پيو وڃي، هن چيو ته سرچ ڪاميٽي پي ايڇ ڊي هولڊر، ڊگريون ۽ گهربل تحقيقي مقالا رکندڙ 3 وائيس چانسلرن کي مقرر ڪيو پر اهي جنسي هراساني وارن ڪيسن ۾ ملوث مليا. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مون هڪ وي سي کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن عدالت کان اسٽي آرڊر ورتو، عدالت کيس پنهنجي مدي تائين عهدي تي رهڻ جي اجازت ڏني. وڏي وزير هڪ ٻئي وائيس چانسلر جي ڪيس جي نشاندهي پڻ ڪئي جنهن هڪ دورو ڪندڙ فرانسيسي ٽيم جي سفري خرچن لاءِ يونيورسٽي جي اڪائونٽ مان فنڊ ڪڍيا، جيتوڻيڪ پرڏيهي ٽيم اڳ ۾ ئي پنهنجا خرچ ڪري چڪي هئي. وڏو وزير اهڙي وي سي کي هٽائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته انهن سببن ڪري اسان وي سيز جي مقرري واري قانون ۾ ترميم ڪري رهيا آهيون هن چيو ته قانون پي ايچ ڊي هولڊرن ۽ پروفيسرن کي وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ کان نٿو روڪي. انهن کي هاڻ ٻين اميدوارن سان مقابلو ڪرڻو پوندو. هن وفاقي هيڪ کان مليل خط تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انهن خط کي سرڪاري طور تي موڪلڻ کان اڳ ميڊيا کي جاري ڪري احتجاج لاءِ ڀڙڪايو ويو. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي تعليمي-صنعتي ڀائيواري کي مضبوط ڪري عالمي ڪاميابي لاءِ مثال بڻجن. تقريب کي هيڪ سنڌ جي چيئرمين پروفيسر طارق رفيع ۽ اين اي ڊي جي وي سي پروفيسر سروش لوڌي خطاب ڪيو .