ڪامورا وي سي نامنظور: سنڌ جي مادرعلمين جي پروفيسرن پاران هڙتال ۽ ڌرڻي جو اعلان
جنوري 16, 2025
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن (فاپواسا) سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سرڪاري آفيسرن جي وائيس چانسلر طور مقرري واري حڪومتي فيصلي خلاف سخت ردِعمل ظاهر ڪندي وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو هڻڻ ۽ يونيورسٽين ۾ ڪلاسن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان فاپواسا سنڌ چيپٽر جي اڳواڻن پروفيسر ڪليم الله، پروفيسر ناگراج ۽ ٻين ڪالهه ڪراچي يونيورسٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪامورن کي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ وارو حڪومتي فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته حڪومت جي انهي فيصلي خلاف نه رڳو يونيورسٽيون بند ڪنداسين پر وزيراعليٰ هائوس ڏانهن تاريخي مارچ به ڪيو ويندو. هنن چيو ته حڪومت جو اهڙو فيصلو يونيورسٽين جي خودمختاري ۽ تعليمي معيار لاءِ نقصانڪار هوندو.