| ڪامورن جون بدليون، ميرپورخاص جو ڪمشنر گهر ڀيڙو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون، ميرپورخاص جي ڪمشنر کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، ڪياماڙي جو ڊپٽي ڪمشنر به تبديل، ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار ميرپورخاص جي ڪمشنر فيصل عقيلي کي هٽائي کيس سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته روينيو جي ميمبر (جوڊيشل) 20هين گريڊ جي آفيسر جلال الدين مهر کي ميرپورخاص جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ڪياماڙي جي ڊپٽي ڪمشنر راجا طارق چانڊيو کي بدلي ڪري کيس سي ايم انسپيڪشن ٽيم ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بورڊ آف روينيو مان ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ امير فضل اويسي کي بدلي ڪري کيس ڊي سي ڪياماڙي مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ليبر کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري لياقت ڪلهوڙو کي بدلي ڪري کيس بورڊ آف روينيو ۾ ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ طور مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح 20هين گريڊ جي پرنسپال محمد يوسف خان کي بدلي ڪري کيس ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد جي خالي پيل عهدي تي مقرر ڪيو وي آهي.