ڪامورن جون بدليون، نيپا سانحي ۾ هٽايل ڊي سي  گهرو کاتي ۾ اهم عهدي تي مقرر

ڪامورن جون بدليون، نيپا سانحي ۾ هٽايل ڊي سي  گهرو کاتي ۾ اهم عهدي تي مقرر

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون، نيپا سانحي ۾ هٽايل ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ اهم عهدي تي مقرر، وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم ۽ آءِ ٽي کاتي جا سيڪريٽري، ايم ڊي ذوالفقار آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي به تبديل، ان ڏس ۾ ڪجهه هفتا اڳ ڪراچي جي علائقي نيپا ويجھو کليل گٽر ۾ ٻارڙو ڪِري فوت ٿيڻ واري معاملي کانپوءِ وڏي وزير سيد مراد شاھ جي هدايتن تي هٽايل ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ ابرار جعفر کي چيف سيڪريٽري نه رڳو بحال ڪري ڇڏيو پر کيس گھرو کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جي عهدي تي مقرري به ڪري ڇڏي اهڙي طرح ذوالفقار آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ايم ڊي جاويد صبغت الله مهر کي بدلي ڪري وزيراعليٰ انڪوائري اينڊ انسپيڪشن ٽيم ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سي ايم انسپيڪشن ٽيم جو سيڪريٽري آفتاب ميمڻ 90 ڏينهن جي موڪل تي روانو ٿي ويو آهي، اهڙي طرح صوبائي محتسب جي سيڪريٽري منصور عباس رضوي کي بدلي ڪري کيس ذوالفقارآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ايم ڊي طور مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين گريڊ جي آفيسر ذوالفقار نظاماڻي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. مڪاني کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري افشان رباب کي بدلي ڪري کيس حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.