ڪامورن جون بدليون: سيڊا ايم ڊي خلاف سمري رڪجي وئي: اڳ ۾ هٽايل ڪامورن جا تفصيل طلب

جنوري 25, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون، ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ سروسز کاتي جي اختيارين 19۽ 20هين گريڊ جي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون آهن. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين گريڊ جي آفيسر نجب الدين سهتو کي اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري جي خالي پيل عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته معدني وسيلن واري کاتي جي سيڪريٽري طاهر سانگي کي ڊي جي معدني وسيلا جي اضافي ذميواري سونپي وئي آهي، جتان خادم چنا کي بدلي ڪري کيس زڪوات کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اطلاعات کاتي جي 19هين گريڊ جي آفيسر اختر حسين سرهيو کي ڊائريڪٽر پريس انفارميشن ۽ تازو ترقي ماڻيندڙ محمد ڪامران خان کي ڊائريڪٽر ريسرچ اينڊ ريفرنس مقرر ڪيو ويو آهي.  ٻئي طرف چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد فخر عالم سروسز کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته 19هين ۽ 20هين گريڊ جي سيڪريٽريٽ سائيڊ خاص طور تي خالي پيل فيلڊ پوسٽن جا تفصيل پيش ڪيا وڃن. ساڳئي وقت عهدن تان هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرايل آفيسرن مٿان لڳل الزامن جا تفصيل به پيش ڪيا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورا تفصيل اچڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جو به امڪان آهي. ٻئي طرف سيڊا جي ايم ڊي کي هٽائڻ واري سمري وزيراعليٰ هائوس ۾ رُڪجي وئي، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جي سفارش تي سروسز کاتي پاران ايم ڊي سيڊا کي هٽائڻ واري وزيراعليٰ هائوس ڏانهن اماڻيل سمري کي بريڪ لڳي ويو آهي. ذريعن موجب ايم ڊي سيڊا پريتم داس مٿان هراسمينٽ جو الزام لڳڻ کانپوءِ آبپاشي  سيڪريٽري کيس عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرائڻ  لاءِ سروسز کاتي کي سفارش ڪئي هئي. سروسز کاتي جي اختيارين وري حتمي منظوري لاءِ سمري وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ اماڻي هئي، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ اها سمري رڪجي وئي.

Leave A Comment