ڪامورن جون بدليون: وڌيڪ 7 سيڪريٽري تبديل: ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊي سي مٽياري بدلي

اپريل 9, 2024

ڪراچي ( رپورٽ: فقيرسليم ) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون: وڌيڪ 7 صوبائي سيڪريٽري تبديل ڪمشنر ڪراچي ۽  ڊي سي مٽياري  بدلي ٿي ويا

ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي  ڪراچي جي ڪمشنر سليم راجپوت کي بدلي ڪري ايڪسائيز کاتي ۾ سيڪريٽري  مقرر ڪيو ويو، جتان عاطف رحمان کي ھٽايو ويو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل حسن نقوي کي ڪراچي جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو

  انفارميشن  ۽ سائنس ٽيڪنالاجي جي سيڪريٽري  ابوبڪر احمد کي بدلي ڪري سنڌ لوڪل گورنمينٽ ۾ ڊي جي  مقرر ڪيو ويو، سندس جاءِ تي آصف اڪرام کي سيڪريٽري  آءِ ٽي مقرر ڪيو ويو

 هوڏانهن راجا خرم شھزاد عمر کي سيڙپڪاري کاتي ۾ سيڪريٽري  مقرر ڪري مريد راھمون کي بدلي ڪيو ويو، مريد راھمون کي صوبائي اليڪشن اٿارٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو

 ليبر کاتي جي سيڪريٽري  شارق احمد کي ھٽائي حفيظ الله عباسي کي سيڪريٽري  ليبر مقرر ڪيو ويو آهي، پرويز بلوچ کي ايڇ ڊي اي جو ڊي جي مقرر ڪري زاھد حسين شر کي ھٽايو ويو

 مٽياري جي ڊي سي لعل ڏنو مـگي کي ھٽائي محمد يوسف شيخ کي ڊي سي مٽياري مقر ڪيو ويو

سکر، دادو، ميهڙ سميت 17 اي سي ۽ سيڪشن آفيسر تبديل

سنڌ جا 17  اسٽنٽ ڪمشنر ۽ سيڪشن آفيسر بدلي، ان ڏس ۾  ڊي سي دادو جي آفيس ۾ اسٽنٽ ڊائريڪٽر (پلاننگ) طور مقرر غلام فاطمه عرف ڪومل کي بدلي ڪري اي سي ميھڙ ڪيو ويو،  جتان مولا داد دراني کي بدلي ڪري خوراڪ کاتي ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ڪيو ويو،  رفيعه ناز کي ناڻي کاتي ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ڪيو ويو

  لطيف آباد جي اي سي علي مرتضيٰ کي بدلي ڪري ڪراچي جي گلبرگ ٽائون ۾ مقرر ڪيو ويو، شاھنواز ميراڻي کي اي سي دادو مقرر ڪري بشارت ميمڻ کي ھٽايو ويو، لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي ۾ سيڪشن آفيسر طور مقرر ارم ڪريم کي ڊي سي آفيس ميرپورخاص ۾ اسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ مقرر ڪيو ويو

 نيو سعيد آباد جي اي سي سعود لنڊ کي بدلي ڪري لطيف آباد ۾ اي سي مقرر ڪيو ويو، اي سي سکر رضا علي کي بدلي ڪري ڪشمور ۾ مقرر ڪيو ويو، جتان شاھه رخ کي بدلي ڪري سيڙپڪاري کاتي ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ڪيو ويو

گلبرگ جي اي سي حسن ظفر کي شھيد بينظيرآباد ۾ اي سي مقرر ڪيو ويو، محسن رضا کي بدلي ڪري اي سي ڪي اين شاھ ۾ ڪيو ويو، جتان فھد علي کي بدلي ڪري ٽرانسپورٽ کاتي ۾ سيڪشن آفيسر مقر رڪيو ويو، ڪنڊيارو جي اي سي رضا محمد شر کي نيو سکر ۾ اي سي مقرر ڪيو ويو

Leave A Comment