نوشهروفيروز (رپورٽ: زاهد راڄپر) نوشهرو فيروز ضلعي انتظاميا عورتن جي ڀلائي واري وزير شهلا رضا کي سرمو پارائي ڇڏيو
2005ع ۾ قائم ٿيل سيف هائوس جو شھلا رضا ھٿان ٻيهر افتتاح ڪرايو ويو، روينيو ڪالوني جي ڪوارٽرن ۾ مشرف واري ناظمي دور ۾ سيف ھائوس قائم ٿيو هو
عدالت جي حڪم تي سوشل ويلفيئر کاتي هڪ ڪوارٽر تي سيف هائوس جو بينر لڳايو ويو، صوبائي وزير کان سيف هائوس جو افتتاح ڪرايو ويو
تازو عورتن جي ڀلائي واري کاتي ضلعي انتظاميا کي سيف هائوس قائم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي هئي، اهڙي ھدايت ملڻ بعد ضلعي انتظاميا ڦڙتي ڏيکاري
جڏهن ته سيف هائوس ۾ عورتن لاءِ ڪا به سهولت ناهي، صوبائي وزير افتتاح ڪري رواني ٿي وئي، افتتاح جي موقعي تي صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته سنڌ ۾ 27 سيف ھائوس قائم ڪيا آھن