اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪامياب عام چونڊون ٿيڻ تي قوم جا ٿورا مڃيندي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن
انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن، عبوري صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، آزاداڻيون چونڊون ڪرائڻ ۾ پوليس، چونڊ عملي ۽ ميڊيا جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو
نگران وزيراعظم چيو ته اهو اهم موقعو اسان جي جمهوري عمل جي لچڪ ۽ طاقت جو ثبوت آهي، پاڪستان جي عوام جي شرڪت ۽ جوش ان جمهوري مشق جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي
هن چيو ته مون کي ناهي خبر ته موبائل فون جي بندش سان شهرين کي ڪهڙيون ڏکيايون آهن، اسلام آباد ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن جي دوري دوران نگران زويراعظم چيو ته موبائل فون جي بندش کي سڪيورٽي جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي
سندس چوڻ هو ته ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي لهر آهي، گھڻين ئي جاين تي سڪيورٽي جي سلسلي ۾ ڪو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ئي تناظر ۾ هن کي به ڏسڻ گھرجي
هن وڌيڪ چيو ته چونڊن جي ٽرنآئوٽ جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ڪرڻ وقت کان اڳ ٿيندي