| ڪاميڊين قيصر پيا بند سنگل تي ڦوروءَ هٿان ڦُرجي ويو |
لاهور (شوبز نيوز) لاهور ۾ مشهور اسٽيج ادڪارا ۽ ڪاميڊين قيصر پيا کان ٽريفڪ سگنل تي ڦر ٿي وئي، ڦورو قيمتي موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. لاهور جي علائقي گارڊن ٽائون ۾ واقعو ٿيو، جنهن جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ قيصر ٻڌايو ته گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هئس، ٽريفڪ سگنل تي گاڏي بيٺي، ان دوران هڪ جوابدار گاڏي کي هٿ هنيو ۽ اجايو جھيڙو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ان دوران هڪ ٻيو جوابدارگاڏيءَ جي ٻئي پاسي کان آيو ۽ موقعي جو فائدو وٺي قيمتي موبائل فون کسي فرار ٿي ويو. واقعي کان پوءِ قيصر پيا گارڊن ٽائون ٿاڻي تي درخواست ڏني، پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.