ڪامڪ ڪردارن جي پرستار پنهنجي جسم سان ڀيٽا پيش ڪئي

ڪامڪ ڪردارن جي پرستار پنهنجي جسم سان ڀيٽا پيش ڪئي

لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) برطانوي شهري جيڪو ڪامڪ ڪردار مارول جو پرستار آهي پنهنجي پسنديده هيروز ۽ ولن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجي جسم تي 63 مارول ڪردارن جا ٽيٽو ٺهرايا آهن. 40 سالن جي ٽام ريڊفورڊ پنهنجي جسم تي سڀ کان وڌيڪ مارول ڪردارن جا ٽيٽو ٺهرائڻ جو گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. اهو رڪارڊ اڳ ۾ ريان لاگسڊن ۽ رِڪ اسڪولاميرو (34 مارول ٽيٽو) وٽ هو. ٽام ريڊفورڊ (جيڪو سالن کان ٽيٽو ٺاهي رهيو آهي) 2016 ۾ فرنچائز جي ولن ٿانوس جو پهريون مارول ٽيٽو ٺاهيو. هن گنيز ورلڊ ريڪارڊ وارن کي ٻڌايو ته جڏهن هن ٿانوس ٽيٽو ٺاهيو، ته هو ان کي پنهنجي ٽنگ تي ٺاهڻ چاهيندو هو ته جيئن جيڪڏهن اهو صحيح نه نڪتو ته هو ان کي لڪائي سگهي. پر اهو اڃا به بهتر نڪتو، جنهن جي ڪري وڌيڪ ٽيٽو ٺاهڻ جي خواهش پيدا ٿي.