ڪانگريس جي خطن تي تبصري کان انڪار، عمران بابت فيصلو پاڪستاني عدالتون ڪنديون: آمريڪا
جنوري 8, 2025
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي، زلمي خليل زاد ۽ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جي باني پي ٽي آءِ بابت بيانن جي معاملي تي ترجمان خانگي ٽي وي کي جواب ڏئي ڇڏيو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسان ڪانگريس جي خطن تي ڪو به تبصرو نٿا ڪريون، ترجمان اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ جا ڪيسز پاڪستاني آئين ۽ قانون موجب هوندا سڄي دنيا جي ملڪن جيان پاڪستان سان به رابطن ۾ آهيون، ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوري اصولن آئيني ۽ انساني هقن جي حڪمراني جو مطالبو ڪريون ٿا انساني حق آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جو اهم حصو آهن. انساني حقن سميت ٻين نقطن تي به باقاعدگي سان پاڪستاني عملدارن سان رابطي ۾ آهيون.