“ڪاوڙيل زال ڇو رهائي اٿئي؟” ڊگهڙي ڀرسان ڀيڻيوي هٿان ڪهاڙيون هڻي سالو قتل، جوابدار گرفتار

“ڪاوڙيل زال ڇو رهائي اٿئي؟” ڊگهڙي ڀرسان ڀيڻيوي هٿان ڪهاڙيون هڻي سالو قتل، جوابدار گرفتار

ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگھڙي ڀرسان ڳوٺ انور آرائين ديھه۔166 ۾ 40ورهين جي پورهيت محبوب علي ولد محمد شريف سولنگي کي سندس ڀيڻيوي انور سولنگي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کي تعلقي اسپتال ڊگھڙي منتقل ڪرايو جتي مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو،مقتول جي ڀاءَ انور سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻويي انور سولنگي منهنجي ڀاءَ کي ڪهاڙين جا وار ڪري ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو هن چيو ته قتل جو سبب منهنجي ڀيڻ کي منهنجي ڀيڻويي مارڪٽ ڪئي جنهن بعد اسانجي ڀيڻ منهنجي مقتول ڀاءَ جي گهر ترسيل هئي جنهن تان مڇرجي اڄ ڪهاڙين جا وار ڪري منهنجي بيگناھ ڀاءَ کي قتل ڪري ڇڏيو اٿس،جوابدار انور سولنگي کي ڊگھڙي پوليس ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي۔ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.