| ڪاٺوڙ حادثو: هڪ وڌيڪ زخمي ٻالڪ فوت: انگ 14 ٿي ويو |
ملير (رپورٽر) ڪاٺوڙ لڳ موٽروي ايم 9 تي خوفناڪ حادثي ۾ زخمي ٿيل 3 ورهين جو ٻارڙو عمران پٽ عامر جان اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو ، انگ 14 ٿي ويو، ٻئي طرف موٽروي پوليس جي سب انسپيڪٽر گڏاپ سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ قتل خطا، غفلت، لاپرواهي جا قلم شامل ڪيا ويا. ايف آءَ آر متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حادثو منجهند جي وقت 3 لڳي 40 منٽن تي پيش آيو، آئل ٽينڪر تيز رفتاري سبب بي قابو ٿي 22 ويلر ٽرالر ۽ گاڏي سان ٽڪرائجڻ بعد رانگ سائيڊ کان ايندڙ بس ۽ وين تي ڪلٽي ٿيو، حادثي جي نتيجي ۾ آئل ٽينڪر ۽ وين جي ڊرائيورن سميت 13 ڄڻا فوت ٿيا