| ڪاٽن ايڪسچينج تي قبضو: واپاري ميئر وٽ پهچي ويا |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي واپارين زبير موتي والا جي اڳواڻي ۾ ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب سان ملاقات ڪري ايف آءِ اي طرفان ڪي ايم سي جي ملڪيت ڪاٽن ايڪسچينج تي ڪارروائي بابت خدشن جو اظهار ڪيو. واپارين ميئر تي اعتماد جو اظهار ڪندي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي، وفد ميئر کي شهر ۽ صنعتن کي درپيش مختلف مسئلن کان به آگاهه ڪيو، خاص طور تي صنعتن لاءِ پاڻي کوٽ جو معاملو به بحث هيٺ آيو. ان موقعي تي ميئر چيو ته پراڻي حب ڪئنال جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو،