ڪاٽن ايڪسچينج  جي ليز کي رڳو هڪ شخص جي بيان تي جعلي قرار ڪيئن ڏنو؟ هاءِ ڪورٽ

  ڪاٽن ايڪسچينج  جي ليز کي رڳو هڪ شخص جي بيان تي جعلي قرار ڪيئن ڏنو؟ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي جي درخواست تي 25 اربن جي ماليت واري پاڪستان ڪاٽن ايڪسچينج جي عمارت جي مالڪي بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي،  اويڪيو ٽرسٽ ۽ ڪي ايم سي جا وڪيل پيش ٿيا، ڪي ايم سي جي وڪيل حيدر وحيد چيو ته ايف آءِ اي تسليم ڪيو آهي ته عمارت سيل ڪرڻ وارو حڪم (فيصلو ) سندن ناهي، ڪراچي ميونسپلٽي 1936ع ۾ ڪاٽن ايڪسچينج جي عمارت کي ليز تي ڏنو هو، انهي  ليز ۾2081 تائين واڌ به ٿي چڪي آهي, ايڊيشنل اٽارني جنرل محسن شاهواڻي چيو ته ليز دستاويز بوگس آهن, ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته قانون موجب 1957 کانپوءِ ڪا به عمارت اويڪيو ڊڪليئر ڪري نٿي سگهجي, ايف آءِ آر ۾  اويڪيو ٽرسٽ وارن تسليم ڪيو آهي ته انهي عمارت کي 1963ع  ۾ شامل ڪيو ويو, هن چيو ته 18هين ترميم بعد ڪا به اويڪيو ملڪيت وفاقي قانون سازي جي لسٽ ۾ شامل ناهي، اهڙي ملڪيت جو معاملو هاڻ صوبائي آهي, 2019 ۾ سنڌ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي قانونسازي بعد وفاقي قانون سنڌ جي حد تائين ختم ٿي ويو آهي، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڪاٽن ايڪسچينج جي عمارت ڪنهن سيل ڪئي؟  جنهن تي ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اويڪيو ٽرسٽ ۽ ايف آ۽ اي جا نالا اچن پيا، جڏهن ته  ايف آءِ اي چئي رهي آهي ته هنن عمارت سيل ناهي ڪئي، جنهن تي  جسٽس عدنان الڪريم پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا عمارت کي اويڪيو پراپرٽي ڊڪليئر ڪيو ويو آهي؟  جسٽس ذوالفقار سانگي به پڇاڻو ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل لسٽ ڪٿي آهي؟  عدالت  وڌيڪ چيو ته 2021 جي سپريم ڪورٽ وارن حڪمن تي 2025ع  ۾ ڪارروائي ڪئي وئي, ٽريڊرز جي وڪيل چيو ته اسان کي چيو پيو وڃي ته 1947 کان هن  وقت تائين جي مسواڙ جمع ڪرايو, اويڪيو ٽرسٽ جي وڪيل چيو ته اسان 25 اربن جي ملڪيت رڪور ڪئي آهي، ڪاٽن ايڪسچينج جي عهديدارن جي تبديلي جا ڪي به دستاويز ناهن، اڳوڻا عهديدار ملڪ کان هليا ويا آهن،  انهن جي ملڪيت اويڪيو ٽرسٽ  جي ملڪيت ٿيندي، عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ پاران اويڪيو ملڪيتون  هٿ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو, سپريم ڪورٽ ايف آءِ آر جو حڪم نه ڏنو هو, ڇا ڪيس غلطي جي بنياد تي داخل ڪيو ويو؟ توهان کي 2022 ۾ خبر پئجي وئي هئي ته جعلسازي ٿي آهي، اوهان 2025ع ۾ ڪارروائي ڪئي وئي،  رڳو هڪ شخص جي بيان تي ليز کي جعلي قرار ڏنو ويو