ڪاپائتيون ڪتڻ ۽ ڪپڙي جو واپار … ميان مير چانڊيو

                 سوٽي ڪپڙي جي ڪتڻ جي ڪم ڪڏھن شروع ٿيو, ان جي ڪا خاص تاريخ ته نه ٿي ملي پر اهو گمان موجود آھي ته جڏھن کان انسان ذات جهنگلن ۽ غارن مان نڪري وڻن جا پن ۽ جانورن جون کلون بت ڍڪڻ لاء استعمال ڪرڻ ڇڏيون ته ان وقت کان اڳيان ئي ڪپڙي جي ڪتڻ جو ڌنڌو شروع ٿي چڪو هو. ڪورين جو ڪتيل ڪپڙو انسان ذات پنهنجي جسم تي اوڍي ارتقا جي اوگهڙ واري دؤر کي پوئتي ڇڏي ڏنو. اها ٻي ڳالھ آھي ته انسان اڄ رنگين ڪپڙن سان ڍڪيل  هوندي به ڪيڏو نه اگهاڙو آھي!

                  آڳاٽي وقت ۾ ڪوري ڪپھ ٽاڻي ائٽ تي سٽ ڪتي ان تي ڪپڙو اڻي پوشاڪ تيار ڪندا هئا,  هر گهر ۾ ائٽ هوندو هو, هر عورت ائٽ ھلائيندي هئي, 1555ع ڌاري ٺٽي ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ ڪپڙي اڻڻ جا ائٽ يا ڪارخانا هئا, جتي ڪپڙو ڪتيو ويندو هو, سنڌ ۾ ڪپڙو اڻيدڙن کي ڪوري سڏيو ويندو هو, ۽ نئي ڪپڙي کي ڪورو ڪپڙو سڏيو ويندو هو. موهن جي دڙي مان ائٽ ۽ ان سان لڳاپيل ٻيا اوزار مليا آھن. سنسڪرت ۽ بابلي زبانن ۾ ڪپهه ۽ سوٽي ڪپڙي لاءِ لفظ “سنڌن” يا “سنڊن” ملي ٿو۔ عيسوي سن کان پنج صديون اڳ يوناني مورخ هيروڊوٽس بہ “سنڊن” نالي ڪپڙي جو ذڪر ڪيو آھي, جيڪو مصر, بابل ۽ ڀونوچ جي ڪناري وارن علائقن ۾ ڪتب ايندو. سنڌ جي سنهي ڪپڙي “سنڊن” جو ذڪر توريت ۾ بہ ملي ٿو۔ عهدنامي جديد ۾ لکيل آھي تہ حضرت عيسی` کي صليب تي چاڙھڻ کان پوء “سنڊن” ۾ ويڙھي پيتيء ۾ وڌو ويو۔ رگ ويد ۾ سنڌ جي نفيس ڪپڙي جي ساراه ٿيل آھي, ٻڌ ڌرم واري دؤر ۾ سنڌ جو سنهو ڪپڙو ململ ٻاهر ويندو هو,

انگريزن جي دؤر کان اڳ آتڻ ۾ ڪاٺ جي هڪ اوزار ذريعي ڪپڙو ٺاهيو ويندو هو، جنهن کي هٿيو سڏبو هو, ان ۾ تار هٿ سان اڻڻي پوندي هئي, جنهن ڪري ڪپڙي اڻڻ جي رفتار بنسبت آڏاڻي جي سست هوندي هئي, ٻيا اوزار رڇ ۽ ڦڻي به سادا هوندا هئا, رڇ وٽيل سٽ مان ٺاهيو ويندو هو, ڦڻي ڪاٺ جي ڇيتين مان ٺاهي ويندي هئي, ڪجھ وقت کان هٿئي جي جاء آڏاڻي ورتي, آڏاڻن تي گڏيل طور ڪم ڪيو ويندو هو. جنهن ۾ گهر ڀاتي گڏجي ڪم ڪندا هئا

 آڏاڻي تي اول سٽ ڪتبو هو, ان کان پوء سٽ ڌوئي رنگبو هو, نڙا ڀربا هئا,۽ پوء آڏاڻن تي چاڙھيا ويندا هئا.

1930ع ڌاري هٿئي جي جاءِ آڏاڻو وٺي چڪو هو, سنڌ ۾ سوٽي ڪپڙي کان سواء کيس, لويون، خرزينون, کرڙيون, پاکڙا, غاليچا, ۽ لونگيون تيار ڪيون وينديون هيون.

مون اهي آڏاڻا ڏھن سالن جي عمر ۾ تڏھن ڏٺا هئا، جڏھن آئون بجاري جي ڳوٺ ۾ مولوي عمر ميمڻ وٽ مدرسي ۾ قران پاڪ پڙھندو هوس. آئون ۽ منهنجو ڀاءُ بشام خان جيڪو هن وقت پوليس کاتي ۾ صوبيدار آھي, اسان ٻئي مٺو مهيري جي گهر رهندا هئاسون. مٺو مهيري جي گهر به آڏاڻو هوندو هو, سنڌ  ۾ انهن آڏاڻن تي کرڙيون, کيس ۽ غاليڇا اڻيا ويندا هئا. ان وقت منهنجا چاچا حمل خان ۽ ٻانهون خان رڍن جي پشم مان سارو ڏينهن پيا ڍيرا ڪتيندا هئا, هو جڏھن  ٻه ٽي سئو ڍيرا ڪتي وٺندا هئا ته گهوڙن تي چڙھي واسطيدار ڪورين کي وڃي گهر ڍيرا ڏيئي ايندا هئا. پوءِ ڪوري ڍيرن مان کيس، کرڙيون ۽ کٿا ٺاهيندا هئا. انهن مان اڌ کيس، کرڙيون ۽ کٿا پاڻ مزدوري ۾ کڻندا هئا ۽ اڌ ھنن کي ڏيندا هئا. مون کرڙيون, کيس ۽ ٻيون آڏاڻن تي ٺھيل اهي شيون اسان جي گهر ۾ ڏٺيون هيون. بابا نماز پڙھڻ وقت کرڙي مٿان سندس ڪلهي تي رکيل اجرڪ يا ٽوال وڇائي نماز پڙھندو هو. پاڻ نماز اڪثر ڪري مسجد ۾  با جماعت پڙھندو هو، پر ڪڏھن ڪڏھن  فجر جي نماز گهر پڙھندو هو. پاڻ فجر واري نماز پڙھڻ کان پوء ڀٽائيءَ جا دعائيا بيت پڙھندو هو:

جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان،

ري ٿنڀين ري ٿوڻئين، تون ڇپر تون ڇانو،

آئون ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀڪا.

پاڻ سياري جي موسم ۾ پرڀاتي ۽ ڪاپائتي جا بيت به پڙھندا هئا:

ڪتي ڪتي ڪالھ, اڄ نه آتڻ آيون،

آرٽ اکلي مالھ, پوري ويون نجهرا.

مون کي ڪتڻ, ڪاپائتي, آتڻ, ارٽ ۽ نجهرا سمجھ ۾ نه ايندا هئا. هڪ دفعي بابا کان پڇيم ته ڪاپائتي, آتڻ ۽ نجهرا ڇا آھن؟ پاڻ چيائون: “بابا هن جهان ۾ ھر ڪو ڪوري آھي ۽ ڪتي ٿو. ڪوئي دنيا جو سٽ ڪتي ٿو تہ ڪوئي اڳئين سفر جو سامان. آتڻ اها جاءِ آھي، جتي منجهيل سٽ ڪتبو آھي. ماڻھوءَ جي دل به آتڻ آھي، جتان ڌڻيءَ جي ساراه سان دنياوي رڪاوٽون هٽائي  روحاني سفر شروع ڪبو آھي. اهو پنڌ ڪندي ڪندي ڪنهن ڏينهن ماڻھو نئين دنيا ڏانهن هميشه لاء ھليو ويندو آھي”.

بابا 2009ع جي آرهڙ رت جي هڪ صبوح نئين دنيا ڏانهن هميشه لاء ھليو ويو, ان ڏينهن  اهو خالي نجهرو ڏسي منهنجو هانءُ ٿي ڦاٽو، جتي بابا اڌ رات کان پوءِ ستارن ھيٺان ويهي, روح سان تسبيح سوريندو هو.

ڪوري نه فقط ڪپڙو ڪتيندڙ دنيائي پورهيو ڪندڙ ماڻھو هئا, پر روحاني ڪاتار به دنيا ۾ آيا ۽ ويا, جن وٽ دنيا “دم گذر” جو تصور هئي، جنهن ڪري اهي دنيا کان پري رهيا. انهن فقط پالڻھار سان ناتو جوڙي روحاني سفر طئي ڪيو, اڄ جڏھن آئون هي چند سٽون لکي رهيو آھيان ته رات جي نوائي ۾ ڪوئي ڳائي رهيو آھي, “آئون ڪيئن آتڻ وڃان، منھنجو چرخو چيو نه ڪري”. هاڻي ته نه اهي آتڻ، ڪوري ۽ چرخا رهيا آھن, ۽ نه ئي اهو دؤر. اسان هن دور ۾ ڪپڙو ته ڪونه ٿا ڪتيون, بس، ڪتيون پيا تہ ڪوڙ، نفرت، بغض، لوڀ لالڇ ۽ فتنو- جنهن سان اسان جو سماج ۽ زندگي عذاب بڻجندي پيئي وڃي.