| ڪاڇي ۾ عورت جي قتل جو جرڳو، مڙس قاتل قرار، 40 لک ڏنڊ جي فتويٰ جاري |
قصبو (ن پ ا) ٻه مهينا پهرين پٽ گل محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽوڙ ۾ مبينا طور مڙس ھٿان قتل ڪيل ناري ريحانه مستوئي جو حاجي مٺل لغاري جي سرپئنچي ھيٺ فيصلو ٿي گذريو جتي قتل ٿيل ناري جي مڙس احمد مستوئي تي40 لک چٽي وڌي وئي جيڪا پنجن مهينن اندر ادا ڪرڻ جي فتوا ٻڌائي وئي، ان ڏس ۾ قتل ٿيل ناري جي وارثن ٻڌايو ته 2مهينا اڳ پٽ گل محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽوڙ ۾ احمد مستوئي پنهنجي زال ريحانه مستوئي تي رائفل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد پاڻ خودڪشي جي ڪوشش ڪئي ھئي، ناري جي وارثن پاران مڙس کي قاتل قرار ڏنو ويو، جنهن ۾ ناري جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ سندس مڙس احمد مستوئي ۽ رانجهن مستوئي شفيع مستوئي سميت چار جوابدار پٽ گل محمد ٿاڻي تي ڪيس ۾ نامزد ٿيل هئا فيصلي جي فتويٰ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ناري جي خون جي چٽي ۾ ٻڌايل رقم ادا ڪرڻ کانپوءِ فريادي ڪيس تان ھٿ کڻندو.