ڪاڇي ۾ مالوندن جو گهيرو، مزاحمت تي نوجوان قتل، 2 زخمي، 4 رڍون ڦر

ڪاڇي ۾ مالوندن جو گهيرو، مزاحمت تي نوجوان قتل، 2 زخمي، 4 رڍون ڦر

خيرپور ناٿن شاھه (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ماڏو ٿاڻي جي حد ڪاڇي واري علائقي جي ڳوٺ ڳهڻو خان چانڊيو جي رهواسي 19 ورهين جي محرم ولد ميوو چانڊيو  کان  هٿياربندن   مال ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري چار رڍون ڪاهي ويا، نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال آندو ويو سندس چاچي جهان خان چانڊيو ٻڌايو ته ڀائٽيو  ديهھ ٻوري ۾ مال چارڻ ويو جتي ڦورو ٻڪريون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نوجوان مزاحمت ڪئي ته هٿياربند کيس گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري مال ڪاهي فرار ٿي ويا، وارث لاش ڪاڇي مان جيپ تي تعلقي اسپتال کڻائي پهتا، لاش پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،  گهر ۾ ڪھرام مچي ويو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيا ماڏو ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي وارث جيئين ايندا ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڪاڇي واري علائقي ماڏو ٿاڻي جي حد ۾ مالوند بروهين سان هٿياربند ڦورو ڦر  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي حاجي رمضان بروهي، علي حسن بروهي سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال آندو  ويو .