ڪاڇي ۾ نينگر تي مبينا تشدد، اسپتال منتقل

ڪاڇي ۾ نينگر تي مبينا تشدد، اسپتال منتقل

قصبو (ن پ ا) ڪاڇي ۾ مبينا نينگر تي جوابدارن جو تشدد کيس زخمي حالت ۾ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان ڏس ۾ نئين گاج ٿاڻي جي حد ڳوٺ مريد ديرو ۾ معمولي ڳالھ تان جوابدارن نينگر امجد پٽ محمد بخش مستوئي کي سروٽا ھڻي رتورت ڪري ڇڏيو کيس زخمي حالت ۾ ڳوٺ جي خانگي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو نينگر جي وارثن ٻڌايو آھي ته معمولي ڳالھ تان نينگر امجد مستوئي تي جوابدار شاھد مستوئي گلزار مستوئي سروٽا ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو آھي جوابدارن خلاف حد جي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.