ڪاڇي ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل پچي ويو، لابارا شروع، اگهه گهٽ، آبادگارن کي ڳڻتي

ڪاڇي ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل پچي ويو، لابارا شروع، اگهه گهٽ، آبادگارن کي ڳڻتي

قصبو (ن پ ا)  ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ آڳاٽي پوکيل ڪڻڪ جو  بمپر فصل پچي تيار ٿي ويو، ڪٿي لابارا شروع ٿي ويا ته ڪٿي ٿريشر مشينن ذريعي ڪڻڪ ڪڍڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي جڏهن ته حڪومت پاران اڃا تائين ڪڻڪ جو سرڪاري اگهھ مقرر نه ڪيو ويو آهي. آبادگارن حڪومت کان في مڻ 4000 هزار رپيا سرڪاري اگهھ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي مليل ڄاڻ موجب  ڪاڇي جي ڪيترن ئي علائقن، جن ۾ قصبو، هيرو خان راڄو ديرو مريد ديرو ڊرگھ بالا واھي پانڌي ڇني، پير لاکيو ۽ تاجن شاھ پوٺو لنڊ ٽٻائي لنڊ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ آڳاٽي پوکيل ڪڻڪ تيار ٿي چڪي آهي ڪٿي ٿريشنون شروع ٿي ويون ته لابارا جاري آهن ان ڏس ۾ آبادگارن زاھد لنڊ منظور لغاري محمد بخش اڙول ولي محمد مستوئي يوسف جمالي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته لکين رپيا قرض کڻي ڪڻڪ جو فصل پوکيندا آھن ڪڻڪ پچي وڃڻ کانپوء حڪومت طرفان ڪڻڪ جو سرڪاري اگھ مناسب نه ملڻ ڪري اڃان وڌيڪ قرضي ٿي ويندا آھيون اسان ڪاڇي واسين جو گذر سفر فصل تي آھي ڪڻڪ جو فصل پچي تيار ٿي ويو آھي پر بدقسمتي سان اڃان تائين سرڪاري اگھ مقرر نه ٿي سگھيو آھي مقامي واپاري ڪڻڪ جو في مڻ 3000تي خريد ڪري رھيا آھن جنهن ڪري هاري ۽ ننڍا زميندار مهانگائي ۽ پيداواري لاڳت ۾ واڌ سبب سخت معاشي دٻاءَ جو شڪار آهن گذريل سال به ڪڻڪ جو مناسب اگھ مقرر نه ٿيڻ سبب ڪاڇي جا آبادگار لکين روپين جا قرضي ٿي ويا ھئا  آبادگارن وڌيڪ چيو ته ڀاڻ، زرعي دوائن ۽ پاڻي جي فراهمي لاءِ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن سبب فصل جي لاڳت ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشان آهيون سندن چوڻ هو ته ڪڻڪ لھڻ باوجود هن مهل تائين بڙدانو (ٻوريون) به فراهم نه ڪيون ويون آهن