ڪاڇي ۾ 5 ڏينهن کان برسات، زميني رابطا ڪٽيل، کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي

جُولاءِ 26, 2023

ٽنڊو رحيم (رپورٽ: اسماعيل شاهاڻي) ڪاڇي ۾ 5 ڏينهن کان برسات جاري، زميني رابطا ڪٽجڻ سبب علائقي ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي

ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ 5 ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، برسات بعد ڪاڇي ۾ نئين گاج، نئن نلي سميت ٻيون نيئون وهي آيون

نيئون وهي اچڻ سبب مختلف ڳوٺن جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، ڪاڇي جا سمورا روڊ رستا لڙهي ويا آهن

ڳوٺن جو واهي پانڌي ۽ ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪٽجڻ سبب کاڌ خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جنهن ڪري رهواسي سخت پريشان آهن

ڳوٺ پنھون ٽڪري، سجاول آلکاڻي،ڪيچي شاھاڻي، پير لاکيو،سميت ڳوٺن ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي

هن وقت تائين ڦاٿل ماڻهن کي کاڌ خوراڪ پهچائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪي به اُپاءَ ناهن ورتا ويا

ايمرجنسي هجڻ دوران علائقي واسي ٻيڙين ذريعي ڳرا ڀاڙا ڀري شھرن ڏانھن وڃڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته  جلد امدادي ٽيمون موڪلي کاڌ خوراڪ جو شيون فراهم ڪيو وڃن

Leave A Comment