اسلام آباد/ (بيورو رپورٽ+ نظير ميمڻ) ڀرتين ۽ ترقياتي اسڪيمن تي پابندي لاڳو، ڪمشنرز، ڊي سيز ۽ ايس ايس پيز هٽائڻ جو حڪم، عام چونڊن لاءِ تڪبندين بابت اليڪشن ڪميشن جو اڄ اجلاس ٿيندو. نگران وزيراعظم، وزيرن جي اثاثن جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن
تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن پاران عام چونڊن جي حوالي سان نگران حڪومتن کي گائيڊ لائنز جاري ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن پاران اڳوڻي وزيراعظم، وڏن وزيرن، وزيرن، اسيمبلي ميمبرن کي سرڪاري گهر خالي ڪرڻ، سرڪاري گاڏيون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو
اڳوڻي حڪومت سرڪاري سهولتون واپس ڪري، اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن کان اثاثن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن
اليڪشن ڪميشن پاران نگران حڪومتن کي وفاق ۽ صوبن ۾ روزمرهه جا معاملا هلائڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي پهريان کان جاري عالمي ۽ ٻطرفن معاهدن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي اجازت ڏني وئي
اليڪشن ڪميشن ادارن ۾ ڀرتي ٿيل سياسي شخصيتن جي ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، وفاق، صوبي ۽ مقامي سطح ادارن مٿان هر قسم جي ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪندي وفاق ۽ صوبائي نگران حڪومتن کي ترقياتي اسڪيمن تي ڪم کان روڪيو ويو
اي سي پي چيو آهي ته نگران حڪومتون چونڊن ۾ دٻاءُ يا رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش نه ڪن، اُهي اڳواٽ جاري عالمي ۽ ٻطرفن معاهدن تي عملدرآمد ڪرائي سگهن ٿيون، اي سي پي کان اڳواٽ اجات وٺڻ بنا بدليون ۽ مقرريون نه ڪيون وڃن
اليڪشن ڪميشن خط ۾ چيو ته قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي ٽٽي چڪي آهي، اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، صاف شفاف ۽ بروقت اليڪشن يقيني بڻائڻ ڪميشن جو ڪم آهي، جنهن ڪري آئيني قدمن جو فيصلو ڪيو آهي
نگران سيٽ اپ کي هدايت جاري ڪئي وئي ته اليڪشن لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪيو وڃي هر سياسي پارٽي کي ليول پلينگ فيلڊ ڏني وڃي، شفاف چونڊن لاءِ سهڪار ڪيو وڃي
هوڏانهن چيف اليڪشن ڪمشنر قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون تڪبنديون ڪرائڻ جي معاملي تي اڄ اربع ڏينهن اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ تڪبنديون ڪرائڻ جي معاملي تي مشاورت ٿيندي، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر، سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيندا
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪمشنرز، ڊي سيز، ايس پيز سميت سموري انتظاميه تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مقررين ۽ بدلين تي به مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز کي خط لکي ھدايتون ڏنيون ويون آھن ته ڪمشنرن، ڊي سيز، ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ آر پي اوز سميت انتظامي عھدن تي ويٺل سمورن آفيسرن کي تبديل ڪيو وڃي
اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽرين کي ھدايتون جاري ڪندي چيو آھي ته اليڪشن ڪميشن رولز موجب شفاف چونڊن لاءِ ملڪ ۾ جنرل اليڪشن لاءِ پھريان کان مقرر آفيسرن کي تبديل ڪيو وڃي
ٻئي نوٽيفڪيشن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران انتظاميا کي پابند ڪيو ويو آھي ته سندس منظوري کانسواءِ ڪنھن به آفيسر جي مقرري ۽ بدلي نٿي ڪري سگھجي، ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪنھن به آفيسر کي بدلي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کان منظوري وٺڻي پوندي
واضح رھي ته ملڪ ۾ نگران حڪومت لاڳو ٿي چڪي ۽ اليڪشن ڪميشن جنرل اليڪشن جي حوالي سان تياريون شروع ڪري ڇڏيون آھن