ڪا اڳڀرائي ٿي ته پ پ ۾ شموليت جو فيصلو ڪبو: علي گوهر مهر

جُون 10, 2023

گهوٽڪي(رپورٽر)جي ڊي اي اڳواڻ  سردار علي گوهر خان مهر چيو آهي ته پيپلزپارٽي جا اڳواڻ رابطي ۾ آهن ۽ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون آهن في الحال پيپلزپارٽي ۾ وڃڻ جو ڪوبه امڪان ناهي

سندس چوڻ هو ته  جيڪڏهن سياست ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي ته پوءِ پيپلزپارٽي ۾ شموليت بابت ڪو فيصلو ڪيو ويندو

ٻئي طرف پ پ اڳواڻ مير بنگل خان مهر سردار علي گوهر خان مهر جي حمايت واري اعلان بعد چيو ته سردار علي گوهر خان مهر جي اهڙي فيصلي سان گهوٽڪي ۽ ملڪ جي سياست ۾ اڳتي سٺا فيصلا اچڻ جو امڪان آهي ۽ اهڙي فيصلن سان گهوٽڪي ضلعي جي عوام کي رليف ملندو

 هڪ سوال جي جواب ۾ بنگل خان مهر جو چوڻ هو ته سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز هوندو آهي اسان سردار علي گوهر خان مهر جي فيصلي کي ڀليڪار چئون ٿا

Leave A Comment