ڪترينا جي بيوٽي برانڊ 350 ڪروڙ ڪمايا 

ڪترينا جي بيوٽي برانڊ 350 ڪروڙ ڪمايا 

 ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار ڪترينا ڪيف فلمي دنيا کانپوءِ ڪاروباري ميدان ۾ به پاڻ مڇرايو آهي، سندس بيوٽي برانڊ ’’ڪي بيوٽي‘‘ (Kay Beauty) ڪجهه سالن ۾ ڀارت جي نمايان ڪاسميٽڪ برانڊز ۾ شامل ٿي چڪو آهي، تازن انگن اکرن موجب ڪي بيوٽ جي آمدني 350 ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڪترينا ڪيف 2019 ۾ ڀارتي بيوٽي ريٽيل پليٽ فارم نائيڪا (Nykaa) جي ڀائيواري سان پنهنجو ميڪ اپ برانڊ متعارف ڪرايو هو. 7سالن ۾ انهي برانڊ جو بزنس  350 ڪروڙ ڀارتي رپين تائين پهچي ويو، ’ڪي بيوٽي‘ هاڻي ڀارت سان گڏ برطانيا،  وچ اوڀر سميت ٻين بين الاقوامي منڊين ۾ به پنهنجا پير ڄمائي رهيو آهي