| ڪترينا ۽ وڪي 2 مهنين بعد پٽ جونالو رکي ڇڏيو |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور جوڙي ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل پنهنجي پٽ جي پيدائش کان 2 مهينا پوءِ سندس نالو رکڻ جو اعلان ڪيوآهي . ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل کي شادي جي 4 سالن کانپوءِ گذريل سال 7 نومبر تي پهريون ٻار پيدا ٿيو، جوڙي 2 مهينن بعد پنهنجي پٽ جي نالي جو اعلان ڪيو.ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل انسٽاگرام پوسٽ ۾ پنهنجي پٽ جي پهرين جھلڪ شيئر ڪندي چيو ته هنن پٽ جو نالو ‘وهان ڪوشل’ رکيو آهي.جوڙي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ‘وهان ڪوشل روشني جو ڪرڻو آهي، زندگي خوبصورت آهي. اسان جي دنيا هڪ پل ۾ بدلجي وئي آهي’.