| ڪتو ڇو ماريو؟ قاضي احمد ۾ سپاهي سوڌو 2 ڄڻن تي ڪيس داخل |
قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ رونق علي جٽ جي رھواسي محمد اشرف جتوئي جي فرياد تي قاضي احمد ٿاڻي تي سپاهي لونگ جتوئي سميت ٻن ڄڻن خلاف پالتو ڪتي کي پسٽل جا فائر ڪري مارڻ جي الزام هيٺ قلم.393.324.428.34 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، فريادي موجب منھنجو والد ٻاڪرو مال چاري رھيو هو، لاکاٽ ٿاڻي جي اھلڪار لونگ جتوئي ۽ ھڪ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار کانئس ڇيلو کسڻ جي ڪوشش ڪئي، دانھن تي ھنن فائر ڪيو، جنهن ۾ منھنجو والد معجزاني طور بچي ويو. گولي پالتو ڪتي کي لڳي، جيڪو موقعي تي مري ويو. اسان نوابشاھه جي ڪورٽ ۾ انصاف لاء درخواست داخل ڪرائي، عدالتي حڪم تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي