| ڪتي کي پٿر ڇو ھنيو؟ مالڪ جي نينگر تي فائرنگ، زخمي، گارگند |
ٽنڊوڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام ۾ علي آباد ڪالوني واسي نينگر غلام حسين چوھاڻ رستي تان خوني پڙ وٽ گھٽيءَ ۾ ڪتي کي پٿر ھنيو ته ڀرسان بيٺل جنوني شخص ڏمرجي پيو، جنوني شخص اگو شاھ نينگر کي گار گند ڪرڻ بعد پسٽل جو فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، پاڙيسرين زخمي نينگر کي اسپتال پھچايو، زخمي نينگر جي پيء محمد ھاشم چوھاڻ جي فرياد تي اگو شاھ خلاف ٽنڊوجام ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي، جڏهن ته ٽنڊوجام پوليس جنوني شخص اگو شاھ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس ذريعن موجب جنوني شخص اگو شاھ متان پھريان به خڻجر ھڻي واٽ ويندڙن کي زخمي ڪرڻ جا ڪيس داخل ٿيل آھن.