| ڪجهه وزير آءِ پيڊ تي ايجنڊائون اڪلائڻ کان نا واقف نڪتا |
ڪراچي: سنڌ ڪابينا جا ڪجهه وزير جديد دور ۾ به آءِ پيڊ تي ايجنڊائون اڪلائڻ کان نا واقف ھجڻ جو انڪشاف 50 کان وڌيڪ ايجنڊائن تي وڏو وزير ڪاوڙجي پيو، ذريعن موجب ڪالهه ڪابينا اجلاس ۾ 50 کان مٿي ايجندائون ھجڻ تي وڏي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪي به اھم ايجندائون آھن، اھي اڳواٽ ڇو نٿيون آنديون وڃن؟ ھن چيو ته ھاڻي ڪابينا جو اجلاس ھر 15 ڏينهن بعد ٿيندو، وڏي وزير 2 ڊسمبر تي ٻيھر اجلاس ڪوٺائڻ جي تاريخ ڏئي ڇڏي ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ اڪثر ڪابينا ميمبر پيپر ۽ پين جو استعمال ڪندا رھيا، جنهن تي وڏي وزير سيد مراد شاھ ناراضگي جو اظھار ڪندي چيو ته سمورن ميمبرن کي آءِ پيڊ تي ايجندا ملي وئي ھئي ته پوء پپير ڇو پيو استعمال ٿئي ؟