| ڪجهه ڏينهن بعد صدارتي نظام تي بحث ٿيندو: جماعت اسلامي |
لاهور: جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو ته ننڍپڻ کان ڏسي رهيا آهيون ته ملڪ بحرانن جو شڪار آهي بلدياتي نظام کان پوءِ مان اميد رکان ٿو ته ڪجهه ڏينهن تائين صدارتي نظام بحث هيٺ هوندو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن وقت ڪنهن سان ڳالهيون نٿو ڪرڻ چاهيان. بلوچستان سڙي رهيو آهي، مسئلا حل ڪرڻ جي بجاءِ ڌيان آزاد ڪشمير جي طرف لڳايو ويوآهي. آئين جي بالادستي، عدل، انصاف جو نظام مضبوط هجڻ گهرجي. سياسي پارٽين ۾ شخصيتن جي اجاره داري آهي.