| ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو؟ عمران کي ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ جي تياري |
اسلام آباد(م ڊ) سينئر سياستدان ۽ اڳوڻي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير محمد علي دراني چيو آهي ته ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو تحت عمران خان کي ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ جي تياري ٿي رهي آهي، صدر آصف زرداري باني پي ٽي آءِ کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته نواز شريف به فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته راڻا ثناءَ الله پڻ مثبت سياسي ڪردار ڪري رهيو آهي، عمران جي اک واري علاج معاملي ۾ حڪومتي رويو مناسب ناهي رهيو، ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، سينئر سياستدان وڌيڪ چيو ته عمران خان ثابت ڪيو ته هو جيل ڪاٽي سگهي ٿو ۽ جيل ۾ رهي ڪري سياست کي پنهنجي آڱرين تي نچائي سگهي ٿو، عمران خان جي سياست۽ مقبوليت ختم ڪرڻ ۾ حڪمران پارٽيون ڪامياب ناهن ٿي سگهيون