ڪجهه ڪمپنين جي ملڪ مان وڃڻ جو اعتراف: اسان وٽ ٽيڪس وڌيڪ ۽ بجلي مهانگي آهي: ناڻي وزير

ڪجهه ڪمپنين جي ملڪ مان وڃڻ جو اعتراف: اسان وٽ ٽيڪس وڌيڪ ۽ بجلي مهانگي آهي: ناڻي وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي محمد اورنگزيب اعترف ڪيو آهي ته ڪجهه ڪمپنيون ملڪ مان وڃي رهيون آهن، تسليم ڪرڻ گهرجي ته اسان وٽ ٽيڪس وڌيڪ ۽ بجلي مهانگي آهي ۽ اهي حقيقي مسئلا آهن، پاڪستان پاليسي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته معاشي سڌارن سان ترقي ممڪن آهي، حڪومتي سڌارن جو مقصد ملڪي ناڻي تان بار گهٽائڻ ۽ معيشت مضبوط ڪرڻ آهي. گذريل مالي سال دوران ترسيلات زر 38 ارب ڊالر رهيون، هن سال اهو انگ 41 ارب ڊالر کان وڌي ويندو. هن چيو ته ڍانچاجاتي سڌارن ۽ ايف بي آر جي ٽرانسفارميشن تي عمل جاري آهي. اسان کي ڪمپلاينس ۽ انفورسمنٽ ذريعي ٽيڪس قانونن تي عمل ڪرائڻو پوندو. محمد اورنگزيب چيو ته توانائي شعبي ۾ به سڌارا آندا پيا وڃن. پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ مقامي سيڙپڪارن شرڪت ڪئي. 24 ادارا نجڪاري ڪميشن حوالي ڪيا ويا آهن. سرڪاري ادارن ۾ هر سال لڳ ڀڳ هڪ هزار ارب رپيا ضايع ٿي رهيا آهن. يوٽيلٽي اسٽورز، پي ڊبليو ڊي ۽ پاسڪو بند ڪيا ويا آهن، ڇو ته انهن ادارن کي ڏنل سبسڊي ۾ ڪرپشن ٿي رهي هئي. ناڻي وزير چيو ته جيتريون ڊيوٽيون وڌايون وينديون اُهي ملڪ لاءِ نقصانڪار آهن. ڊيوٽين کي مناسب بنائڻو پوندو ۽ ڪاروباري لاڳت گهٽائڻي پوندي. قرضن تي وياج جي ادائيگي سڀ کان وڏو خرچ آهي. گذريل سال قرضن تي وياج جي مد ۾ 850 ارب رپين جي بچت ڪئي وئي، هن مالي سال به اهڙي بچت جو امڪان آهي. حڪومت ايندڙ ٻن هفتن ۾ پانڊا بانڊز لانچ ڪندي. سروي مطابق 73 سيڪڙو سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حق ۾ آهن. واپاري خسارو وڌيو آهي، پر ڪرنٽ اڪائونٽ حد اندر آهي. موجوده مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ وڏين صنعتن جي ڪارڪردگي مثبت رهي. نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي وڌي 1.1 ٽريلين تائين پهچي چڪي آهي. ناڻي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ لک 35 هزار نوان سيڙپڪار آيا آهن، 18 مهينن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري 41 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پاڪستان وٽ دنيا جي ٽئين وڏي فري لانسر فورس موجود آهي. نوجوانن کي سسٽم ۽ پليٽفارم فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. 2047 تائين ٽي ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻجڻ لاءِ آبادي تي ڪنٽرول ضروري آهي، ڇو ته سالياني 2.55 سيڪڙو آبادي ۾ اضافي سان ترقي ممڪن ناهي.