| ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ ۾ ڪيويز جي پوزيشن مضبوط |
ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف پهرئين ٽيسٽ ۾ مضبوط پوزيشن ۾ ۾ اچي وئي. ميچ جي ٽئين ڏينهن نيوزيلينڊ 30 رنسون بنا وڪيٽ کان راند شروع ڪئي. اوپنر ٽام ليٿم 145، ڊيوون ڪانوي 37، ڪين وليمسن 9، رچن رويندرا 176 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. راند ختم ٿيڻ تي نيوزيلينڊ جي ٽيم 417 رنسون 4 وڪيٽن تي ٺاهي ورتيون. ٽيم برتري 481 رنسن جي ٿي وئي آهي. ڪيمر روچ ۽ روسٽن چيز ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.