ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڪثر نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پئسا نه هجڻ ڪري پريشانين کي منهن ڏيندا آهن، پر ڪجهه اهڙا پليٽ فارمز آهن جن تان اهي پنهنجي تعليم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پئسا گڏ ڪري سگهن ٿا، اهڙي عمل کي ڪرائوڊ فنڊنگ چيو ويندو آهي
ڪرائوڊ فنڊنگ ڇا آهي ؟
ڪرائوڊ فنڊنگ جو مطلب آهي ماڻهن کان پئسا گڏ ڪرڻ، ڪرائوڊ فنڊنگ جو تصور آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪافي عام آهي، جنهن تحت هڪ شخص، ٽيم يا اداري پاران انٽرنيٽ تي هڪ مخصوص ڪرائوڊ فنڊنگ پليٽ فارم استعمال ڪندي ڪنهن منصوبي يا مقصد لاءِ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کان ٿوري ٿوري رقم گڏ ڪئي ويندي آهي
ڪرائوڊ فنڊنگ پليٽ فارم
انٽرنيٽ تي ڪجهه اهڙيون ويب سائيٽس آهن جتي ماڻهو پنهنجي پراجيڪٽس ۽ مقصدن جي باري ۾ ٻڌائيندا آهن ۽ ٻين ماڻهن کان مدد طور پئسا گهرندا آهن، اهي ويب سائيٽس انهن ماڻهن جي باري ۾ معلومات جهڙو سوشل سيڪيورٽي نمبر، بينڪ معلومات، فون نمبر، گهر جو پتو وٺنديون آهن، ته جيئن ڪنهن فراڊ کان بچي سگهجي
اهي پليٽ فارم ان پراجيڪٽس لاءِ جمع ٿيندڙ پئسن مان ڪجهه حصو پاڻ وٺندا آهن پر اهو طريقو هر ويب سائيٽ جو مختلف آهي، ويب سائيٽس تي ٻڌائڻو پوندو آهي ته ڪيتري وقت ۾ ڪيترا پئسا گهربل آهن
ڪجهه ويب سائيٽس تي جيڪڏهن اوهان گهربل وقت ۾ گهربل رقم حاصل نه ڪري سگهندا ته اوهان کي ڪجهه نه ملندو، ڪجهه وري جيترا پئسا گڏ ٿيا اهي ڏينديون آهن، ان طرح جا 2 پليٽ فارم گو فنڊ مي ۽ انڊي گوگو به آهن
ڪرائونڊ فنڊنگ ذريعي پئسا گڏ ڪندڙ عبدالله بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان پاڪستان کان اڪائونٽ نٿا ٺاهي سگهو، مون آمريڪا جي بينڪ اڪائونٽ ذريعي ڪرائونڊ فنڊنگ جي شروعات ڪئي، گو فنڊمي تي پاڪستاني بينڪ اڪائونٽ ذريعي پئسا نٿا ڏئي سگهجن، انڊي گوگو تي اهو ممڪن آهي
ڪرائوڊ فنڊنگ ۽ سوشل ميڊيا تي تنقيد
پاڪستاني نوجوان عبدالله ٽوئيٽر تي پوسٽ شيئر ڪئي هئي ته نيويارڪ يونيورسٽي فلم سازي جي ماسٽرز پروگرام ۾ داخلا ته ڏئي ڇڏي آهي پر 35 هزار ڊالر جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ باوجود هڪ سال جي پڙهائي لاءِ 50 هزار ڊالر گهربل آهن
عبدالله جو چوڻ آهي ته رقم جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪرائوڊ فنڊنگ جو ارادو ڪيو، اهڙي فيصلي تي ٽوئيٽر تي مون مٿان ڪافي تنقيد به ڪئي وئي، عبدالله چيو ته يونيورسٽي جي فيس لاءِ ڪرائوڊ فنڊنگ پليٽ فارم جي لنڪ پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ٽوئيٽ ڪئي ته مون مٿان تنقيد ڪئي وئي، مون کي چيو ويو ته ائين پئسا گهرڻ پنڻ برابر آهي، فلم جي ڊگري اها به نيويارڪ يونيورسٽي مان، اها ضرورت ناهي پر لگزري آهي، ايترا پئسا اوهان کي ڏيڻ بدران ڪنهن غريب تي به لڳائي سگهجن ٿا
عبدالله چيو ته فلم ٺاهڻ منهنجو جنون آهي ان ڪري آمريڪا جي لبرل آرٽس ڪاليج پامونا مان بيچلرز ڪئي هئي، ڪا به مقامي يونيورسٽي ان معيار جي ڊگري نه ٿي ڪرائي، هن چيو ته منهنجو شروع کان اهو شوق هو ته پاڪستان ۾ فلمون ٺاهيان
عبدالله چيو ته آئون ڪنهن کي پئسا ڏيڻ تي مجبور نه ڪندو آهيان، خبر ناهي ڪيئن ماڻهو اهڙي ڳالهه ڪن ٿا، ڊونيشن ڏئي يا نه اها ته هر ڪنهن جي پنهنجي مرضي آهي، مدد گهرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي
عبدالله 51500 ڊالر جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ گوفنڊ مي ويب سائيٽ تي هن وقت تائين تقريبن 12 هزار ڊالر جمع ڪري ورتا آهن جڏهن ته انڊي گوگو تي 350 ڊالر جمع ڪري ورتا آهن
پاڪستان ۾ ڪرائوڊ فنڊنگ جو ڪامياب مثال
اريبه فاطمه لمز يونيورسٽي مان گريجوئيٽ ڪئي آهي، اريبه فاطمه جو چوڻ آهي ته منهنجي ڀاءُ جڏهن لمز يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي بيچلرز ڊگري ۾ داخلا ورتي ته 70 سيڪڙو مالي مدد ملڻ باوجود 5 لک 70 هزار رپين کان وڌيڪ پئسا گهربل هئا، اهڙيون حالتون هيون جو فيس ادا نه پئي ڪري سگهياسين، مون سموري صورتحال، چالان فارم ۽ پئسن جي درخواست ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪئي، ان طريقي سان پئسا ملي ويا پر اهو آسان ڪم نه هو، ماڻهن تمام گهڻيون غلط ڳالهيون ڪيون، اهو ڀيانڪ تجربو هو، ماڻهو منهنجي پراڻي ٽوئيٽ ڪڍي تنقيد ڪندا رهيا آهن، پاڪستان ۾ ماڻهو ڪرائوڊ فنڊنگ جي خيال کي بنيادي طور ناهن سمجهي سگهيا، اريبه فاطمه ڪو ڪرائوڊ فنڊنگ پليٽ فارم استعمال نه ڪيو پر پئسا بينڪ ٽرانسفر ذريعي مليا هئا