| ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت پوري سنڌ ۾ پوليس پراپرٽي تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم |
سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سکر سميت سڄي سنڌ ۾ پوليس جون ملڪيتون واپس ڪرڻ ۽ قبضا هٽائڻ جو حڪم ڏيندي داخل سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. عدالت پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ عمل ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر آئيني بينچ جسٽس امجد علي ٻوهيو ۽ جسٽس علي حيدر تي مشتمل آئيني بينچ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران پوليس پراپرٽي تي ٽيننسي ايڪٽ تحت ورهين کان ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن طرفان عدالت ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي،ٽيننسي ايڪٽ تحت ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن پنهنجي وڪيلن حسيب جمالي، سهيل کوسو، اختيار ڀنڀرو، شيراز فضل اويسي ۽ ٻين معرفت 110 جون درخواستون جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته هو ورهين کان لاڳاپيل پراپرٽين تي اختيارين سان ٿيل معاهدن تحت ڪاروبار ڪري رهيا آهن، جن تحت هنن نه صرف مقرر ڪرايو ادا ڪيو آهي پر ايراضين تي وڏي پيماني تي تعميرات ۽ سار سنڀال تي به خرچ ڪيو آهي. درخواستگذارن عدالت کي استدعا ڪئي ته کين ڪيس ۾ ڌر بڻائي انهن جو موقف ٻڌو وڃي، چاڪاڻ ته ڄاڻايل ايراضيون قانون ۽ آئين جي آرٽيڪل 199 ۽ ٽيننسي ايڪٽ تحت کين حوالي ڪيون ويون هيون، عدالت درخواستگذارن جي وڪيلن جا تفصيلي دليل ٻڌڻ کانپوءِ مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڄاڻايل معاملو اڳ ئي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌو ويو آهي، جتان سنڌ هاءِ ڪورٽ کي عملدرآمد لاءِ حڪم جاري ڪيو ويو آهي، تنهنڪري هاءِ ڪورٽ هن مرحلي تي درخواستگذارن کي ٻڌڻ جي مجاز ناهي، بينچ وڌيڪ هدايت ڪئي ته جيڪڏهن درخواستگذار ڌر بڻجڻ چاهين ٿا ته هو سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهن ٿا، جنهن لاءِ کين هڪ مهيني جي مهلت ڏني وڃي ٿي. عدالت ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ علي رضا بلوچ موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو پوليس جي ملڪيتن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي پراپرٽي واپس ڪرڻ بابت فيصلو اچي چڪو آهي، ان جي روشني ۾ فيصلو ڏنو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد سکر، خيرپور، حيدرآباد، ڪراچي توڙي پوري سنڌ اندر پوليس پراپرٽي ملڪيتون، دڪان، شاپنگ سينٽر ۽ رهائشي گھر خالي ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ اي آءِ جي اسٽيٽ کي حڪم ڏنو آهي ته پوري سنڌ ۾ پوليس ڊپارٽمينٽ جي ملڪيتن تان ڪمرشل سرگرميون ختم ڪرڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرامد ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.