ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان سبب تيز برساتن جو امڪان آهي، ٺٽي، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 13 کان 17 جون تائين برسات جو امڪان آهي
ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو محمدخان، ٽنڊو الهيار ۽ ميرپورخاص ۾ به وسڪاري جو امڪان آهي، ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽيءَ ۾ هوا جي رفتار 80 کان 100 ڪلوميٽر ٿي سگهي ٿي
موسميات کاتي موجب 14 جون جي صبح تائين سسٽم اتر طرف وڌي سگهي ٿو ۽ 15 جون جي صبح تائين سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر ۽ گجرات ۾ ٽڪرائجي سگهي ٿو، سنڌ ۽ بلوچستان جي مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي