ڪراچي،حيدرآباد ۽ سکر جي احتساب عدالتن ۾ گاڏيون ڀري نيب ڪيس جو رڪارڊ منتقل: ڪاررواين لاءِ حساس ادارن کان خدمت وٺڻ جو فيصلو

سيپٽمبر 21, 2023

ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ) سياسي اڳواڻن سوڌو اهم شخصيتن خلاف نيب ڪيس کُلي ويا، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر  جي احتساب عدالتن ۾ گاڏيون ڀري رڪارڊ پهچايو ويو

ڪراچي ۾  شاهد خاقان، ڊاڪٽر عاصم حسين، مصطفيٰ ڪمال، رئوف صديقي ۽ حفيظ شيخ خلاف ريفرنس واپس نيب ڪورٽ کي ملي ويا

ذريعن موجب حيدرآباد ۽ سکر جي احتساب عدالتن ۾ به اهم ريفرنسز جو رڪارڊ جمع ڪرايو ويو، خورشيد شاھه، اويس شاھه، اعجاز جکراڻي، سھيل انور سيال، ضياءُ لنجار، محمد بخش مھر۽ رميش لال خلاف ريفرنس جمع ڪرايا ويا

سردار چانڊيو، برھان چانڊيو، اڪبر لغاري، ارشد مرزا، معين آفتاب شيخ، علي احمد لنڊ، ناصر عباس، جميل احمد ۽ مصطفي جمال قاضي خلاف ريفرنس جو رڪارڊ جمع ڪرايو ويو

ٻئي طرف نيب جو ڪرپشن ڪيسز  تي ڪاررواين لاءِ حساس ادارن کان خدمت وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي  جي روشني ۾ اربين رپين جي ماليت جي ڪرپشن رفرنسز ٻيهر کولڻ کان پوءِ اهم فيصلا ڪيا ويا

ذريعن موجب نيب چيئرمين ڪرپشن ڪيسز خلاف ڪاررواين لاءِ حساس ادارن جي آفيسرز جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو  ڪيو آهي، جنهن تحت نيب جي اهم عهدن تي مقررين لاءِ ڊيپوٽيشن  تي حساس ادارن کان آفيسرز  گهري ورتا آهن، حساس ادارن جا آفيسرز ڪجهه ڏينهن ۾ نيب ۾ ڪم شروع ڪندا

 ذريعن موجب نيب چيئرمين  جي منظوري سان حساس ادارن  جي خدمتن لاءِ خط لکيو ويو آهي، نيب ۾ خالي جاين تي تڪڙيون مقرريون به ڪيون وينديون

Leave A Comment