ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان 30 مئي کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي
بورڊز واري وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته 12 هين جا امتحان ڪراچي،حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ 30 مئي کان 2 شفٽن ۾ ورتا ويندا
سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ميٽرڪ جا امتحان ختم ۽ انٽر جا شروع ٿي ويا آهن
سڄي سنڌ ۾ يارهين ۽ ٻارهين جي امتحانن۾4 لک 89 هزارشاگرد حصو وٺندا
سمورن ڊويزنن ۾ 390 ويجيلنس ٽيمون جوڙيون آهن، 700 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن
اسماعيل راهو چيو ته 16 امتحاني مرڪز حساس آهن
شاگردياڻين جي امتحاني مرڪزن جو دورو ڪرڻ لاءِ وومين ويجيلنس ٽيمون پڻ جوڙيون آهن
شاگردن ۽ استادن تي امتحانن دوران موبائيل فون استعمال ڪرڻ تي پابندي هوندي، ڪاپي ڪندڙ فيل ٿيندا
صوبائي وزير چيو ته ميٽرڪ جي امتحانن ۾ 3 هزار 565شاگرد ڪاپي ڪندي پڪڙيا ويا ۽ 2600 موبائيل فون ضبط ڪيا ويا
ميٽرڪ جي امتحانن ۾ 800 سئو کان وڌيڪ شاگرد ڪاپيون ردوبدل ڪندي ۽ ٻين جي جاءِ تي امتحان ڏيندي پڪڙيا ويا
جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ امتحانن دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي