ڪراچي، ميرپورخاص، سانگھڙ، نوابشاھه ۽ ٽنڊوالھيار حساس قرار: چونڊ ريلين لاءِ پوليس اجازت لازمي قرار

جنوري 25, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ حڪومت پاران عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي پلان فائنل، ڪنهن به پولنگ اسٽيشن اندر ڪو اھلڪار نه بيھندو،  فوج،  رينجرز ۽ پوليس کانسواءِ اينٽي انڪروچمينٽ فورس،  ٻيلي کاتي جي عملي ۽ ليڊي ھيلٿ وزيٽرز کي پڻ سيڪيورٽي  لاءِ مقرر ڪيو ويندو ـ اليڪشن خرچ لاءِ  مختلف کاتن ۽ آر اوز کي  ساڍا 6 ارب جاري ڪيا ويا، ان حوالي سان ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گھرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث  نواز چيو ته  اليڪشن بابت پوليس،  تعليم کاتي،  ڊي آر اوز ۽ ٻين کي فنڊ رليز ڪيا ويا آھن، هن چيو ته  اليڪشن تائين سنڌ ۾ ھٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي، پوليس،  رينجرز ۽ آرمي پولنگن ٻاهران موجود ھوندا، پرزائيڊنگ آفيسر ضرورت پوڻ تي اھلڪارن کي پولنگ ۾ گھرائي سگھي ٿو،  هن چيو ته سنڌ ۾ 19 ھزار کن پولنگون آھن،  جن مان 6593 حساس ۽ 4300 انتھائي حساس آھن، جن جي سيڪيورٽي لاءِ ھڪ لک 22 ھزار  پوليس اھلڪار  گھربل ھئا،  پوليس وٽ 1 لک 9 ھزار اھلڪار  موجود آھن.آرمي جا 1984 اھلڪار اچن پيا،  رينجرز جا اھلڪار پڻ موجود ھوندا، نفري جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اسان اينٽي انڪروچمنيٽ فورس،  ٻيلي کاتي، ايف سي، ايل ايڇ ويز ۽ اينٽي ڪرپشن عملي  کي سيڪيورٽي لاء مقرر ڪنداسين جن جي تربيت ڪرائي ويندي، ھن چيو ته ڪراچي جا سمورا ضلعا، سانگھڙ، نوابشاھ، ميرپورخاص ۽ ٽنڊوالھيار حساس ضلعا آھن، هن  چيو ته جنهن به سياسي پارٽي کي ريلي ڪڍڻي آھي، اھي پوليس کي اڳواٽ اطلاع ڏين ته جيئن کين سيڪيورٽي مھيا ڪري سگهجي،  هن چيو ته 4500 پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳنديون ان موقعي تي  اطلاعات واري وزير  احمد شاھ چيو ته تعليم کاتي کي 4.7 ارب. پوليس کي 62 ، ڊي آر اوز ۽ آر آوز کي 60 ڪروڙ ڏنا آھن، مجموعي طور ساڍا 6 ارب جاري ڪيا ويا آھن، ضرورت پوڻ تي وڌيڪ فنڊز به جاري ڪنداسين، اليڪشن لاءِ  اطلاعات کاتي پاران ھڪ خاص سيل قائم ڪيو ويندو، ھن چيو ته صحت جي وزير اعتراض ڪيو ته منهنجي مرضي کانسواءِ صوبائي سيڪريٽري هڪ اين جي او لاءِ گرانٽ منظور ڪرڻ ٿو چاھي، جنهن ڪري ڪابينا فنڊ منظور نه ڪيو، هن چيو ته   صحت وارو وزير نان اشوز کي اشوز نه بڻائي

Leave A Comment