تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪراچيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ميئر چونڊجي آيو آهي. اهڙي ريت ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ ڪراچيءَ جهڙي عظيم شهر جي مقامي حڪومت نسل پرستيءَ جي وڪڙ مان آزاد ٿي آهي. ڪراچي پنهنجي ان شاندار ماضي ڏانهن موٽ کاڌي آهي، جڏهن هي شهر نسل پرستيءَ کان نفرت ڪندو هو. 1930ع ۽ 1940ع وارن ڏهاڪن ۾ ڪراچي جي بندرگاهه کان شهر ڏانهن ويندڙ شاهراهه تي هڪ وڏو بورڊ لڳل هوندو هو. اهو بورڊ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) طرفان لڳايو ويو هو. اهو ان حد تائين چِٽو هو جو هر ايندڙ ويندڙ جي نگاهه ان تي ضرور پوندي هئي. ان بورڊ تي انگريزيءَ ۾ هيءَ عبارت لکيل هئي: “ڏکڻ ايشيا جي يورپي رهواسين کي ڪراچي ڀليڪار نٿو چوي، ڇو ته انهن جي ملڪ ۾ نسلي متڀيد روا رکيو وڃي ٿو ۽ انهن ئي هندوستان جي خلاف قانون پاس ڪيو آهي.” ان عبارت جي مٿان “KMC” لکيل هوندو هو. اهو ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته نسل پرستيءَ خلاف اهو پاليسي بيان ڪراچي جي شهري حڪومت جو آهي ته ڪراچي نسل پرستي کي رد ڪري ٿو ۽ نسل پرستيءَ جي شڪار ڏکڻ آفريڪا جي مقامي ڪارن رهواسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.
اهو لڳ ڀڳ 1944ع جو سال هو، جڏهن ڏکڻ آفريڪا ۾ نوجوان حُريت پسند رهنما نيلسن منڊيلا آفريڪن نيشنل ڪانگريس يوٿ ليگ جي صدر جي حيثيت سان نسلي متڀيد ۽ نسل پرستيءَ خلاف جدوجهد جي شروعات ڪئي هئي. ڪراچي ان کان اڳ ۾ نيلسن منڊيلا جي موقف جي حمايت ڪري رهيو هو پر تاريخ جو اهو ستم ڏسو ته جڏهن ڪراچيءَ ۾ نسل پرستي جي بنياد تي دهشتگردي عروج تي هئي، ان وقت نيلسن منڊيلا جي پارٽي آفريڪن نيشنل ڪانگريس (اي اين سي) ڏکڻ آفريڪا ۾ اقتدار ۾ هئي. ان نه صرف نسل پرستي جي شڪار ڪراچيءَ جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار نه ڪيو پر ڪراچي سان تعلق رکندڙ نسل پرست دهشتگردن کي پناهه به ڏني ۽ کين هٿيارن ۽ پيسن جي مدد به فراهم ڪئي. اها پشت پناهي ۽ امداد اڄ به جاري آهي. اهو سلسلو نيلسن منڊيلا جي موت کانپوءِ ان جي زال شروع ڪيو هو پر نالو ته نيلسن منڊيلا جي پارٽي جو استعمال ڪيو ويو هو.
ماضي جي ڪراچيءَ جي قيادت اها ڳالهه چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿي ته يورپ جي عظيم شهرن جي ظاهري حُسن کان وڌيڪ باطني حُسن آهي. يورپ جا رهواسي پنهنجي جينز (Genes) ۾ انتهائي نسل پرست آهن پر اهي پنهنجي ملڪن ۽ شهرن ۾ رنگ، نسل، زبان ۽ مذهب جي بنياد تي ڪنهن به قسم جو متڀيد نٿا ٿيڻ ڏين. انڪري ماڻهو اولهه جي شهرن ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا. اهو ئي باطني حُسن ئي انهن شهرن جي اصل طاقت ۽ عظمت آهي. 1933ع ۾ چونڊيل ڪراچي جي پهرين ميئر جمشيد نسروانجي مهتا کان وٺي 1961ع ۾ چونڊيل ميئر مير الله بخش گبول تائين ڪيترائي پارسي، هندو، عيسائي ۽ مسلمان ميئر ٿيندا رهيا پر ڪڏهن به ان شهر ۾ رنگ، نسل ۽ مذهب جي بنياد تي ڪراچي جي شهرين جي وچ ۾ ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيو. ماضي جي اها قيادت ڪراچي کي عظيم شهر بنائڻ چاهيندي هئي. ان وقت يورپي رهواسي سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ صرف ڪراچيءَ کي رهڻ لاءِ ترجيح ڏيندا هئا. ڪراچي ظاهري طور تي به تمام خوبصورت شهر هو ۽ باطني طور تي پڻ خوبصورت هو.
هونئن 1947ع کانپوءِ ڪراچي ۾ نسل پرستيءَ جا ٻج ڇَٽيا ويا. پاڪستان جي حڪمران اسٽيبلشمينٽ ڪراچي ئي مان ٺهي. ان اسٽيبلشمينٽ ۾ هندوستان مان لڏي آيل اسان جي اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن جو غلبو هو ۽ اوڀر پنجاب کان لڏي آيل ۽ پاڪستاني پنجاب ۾ رهندڙ ان اسٽيبلشمينٽ ۾ سندن ساٿي ۽ ڀيچي هئا. رياستي بيانيو ڪراچيءَ مان ٺهندو هو ۽ ان بيانيي جي حفاظت ۽ ترويج جماعت اسلامي ڪندي هئي. اڳوڻي اوڀر پاڪستان (موجوده بنگلاديش) ۾ جماعت اسلامي البدر ۽ الشمس ٺاهي نسلي بنيادن تي بنگالين جو قتل عام ڪيو. اتان ئي دنيا کي خبر پئي ته جماعت اسلامي هڪ نسل پرست مذهبي (Ethno-Religious) تنظيم آهي. بنگلاديش ڌار ٿيڻ کانپوءِ ان پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ اهو ساڳيو ئي ڪردار ادا ڪيو.
1970ع وارين عام چونڊن ۾ ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي 8 سيٽن مان جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽيءَ ٻه ٻه سيٽون کٽيون، جڏهن ته صوبائي اسيمبليءَ جي 17 سيٽن مان پيپلز پارٽي 8 سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته جماعت اسلامي کي صرف هڪ سيٽ ملي. 1970ع جي اليڪشن ۾ به ڪراچي جي سڀ کان وڏي جماعت پيپلز پارٽي هئي. 1979ع مڪاني چونڊن ۾ به پيپلز پارٽي اڪثريتي جماعت هئي پر ميئر جي چونڊ دوران فوجي حڪومت زبردستي جماعت اسلامي جي عبدالستار افغاني کي ميئر چونڊرايو پر اهو پيپلز پارٽي جي عمر يوسف ڊيڊا کي ڊپٽي ميئر بنجڻ کان روڪي نه سگهي. 1983ع جي مڪاني چونڊن ۾ پڻ اها ئي راند کيڏي وئي. جڏهن جماعت اسلامي جو عبدالستار افغاني ٻيهر ميئر ٿيو ته ڊپٽي ميئر لاءِ پيپلز پارٽي جو عبدالخالق الله والا چونڊجي آيو.
ڪراچي جيئن ته پاڪستان تي حڪمراني ڪندڙ شهر هو، انڪري ڪراچيءَ مان پيپلز پارٽي کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ خالص نسل پرست تنظيم ايم ڪيو ايم جوڙي وئي، جنهن ڪراچيءَ ۾ طاقت جي بنياد تي چونڊون هائجيڪ ڪيون. 1983ع جي مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کان بائيڪاٽ جو اعلان ڪرايو ويو ۽ ڪراچي کي وري جماعت اسلاميءَ جي حوالي ڪيو ويو پر انهن چونڊن ۾ به پيپلز پارٽي ڪراچي جي اڪثريتي جماعت هئي. 1979ع کان اهو نسل پرستاڻو بيانيو هلندو پيو اچي ته سنڌ سميت سڄي پاڪستان جا مقامي رهواسي ڪراچي جا غير مقامي آهن ۽ اهي پاڪستان جا دشمن آهن. اهو جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جو گڏيل بيانيو آهي. جماعت اسلامي جو ميئر جو اميدوار حافظ نعيم الرحمان پڻ انهيءَ بيانيي تي چونڊ مهم هلائي.
اها سٺي ڳالهه آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي اردو ڳالهائيندڙ نوجوان ۽ متحرڪ ليڊر مرتضيٰ وهاب کي ڪراچيءَ جو ميئر چونڊرايو آهي ۽ اهو پيغام ڏنو آهي ته پيپلز پارٽي نسل پرستي، نفرت ۽ تعصب جي سياست جي خلاف آهي. مرتضيٰ وهاب ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي حيثيت سان پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هاڻي هڪ چونڊيل ميئر جي حيثيت سان ان تي ڳريون ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون. کيس ڪراچيءَ جو اهو ظاهري حُسن به بحال ڪرڻو آهي، جيڪو ان شهر ۾ نفرت ۽ تعصب جي سياست کان اڳ هو. کيس واقعي هڪ ڪاسموپوليٽن شهر بنائڻو آهي. ڪراچي پنهنجي مينڊيٽ جي ذريعي پنهنجي شاندار ماضيءَ ڏانهن موٽي آيو آهي. هاڻي ان کي نسل پرستي جي شر کان بچائڻ جو اهو واحد طريقو آهي ته ڪراچيءَ جي عوام جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي وڃي، انهن کي شهري سهولتون فراهم ڪيون وڃن، انهن کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته ڪراچي سڀني جو شهر آهي. انهن کي پنهنجي شهر ۾ گندگي، ڀڳل ٽُٽل رستن، پاڻي جي کوٽ ۽ بي هنگم ماحول مان نجات ڏيارڻي پوندي، ڇو ته شهرن جي ظاهري بدصورتي شهرن جي باطني حُسن کي به جھيڻو ڪري ڇڏيندي آهي.