خير سان حاضري ڀري، عمرڪوٽ ڪوٽ روانا ٿياسين، ان دوران ھلڪي گرمي محسوس ٿي، جنھن جي اي سي ڪار ۾ خبر نہ ٿي پئي. فيس بڪ تي ٿر ڏانھن سفر جو اسٽيٽس رکڻ جي ڪري دوستن کي رستي ۾ ايندڙ مختلف شھرن مان ڄاڻ سڃاڻ وارن جا فون ۽ ميسج بہ اچڻ شروع ٿيا. ھر ڪنھن سنڌ جي روايت موجب مھمان ٿيڻ جي آڇ ڪئي، دوست امام علي ڏيٿي جو ڪمنٽ ھو: اچو تہ توھان کي ٿرڪول گھمايون، جنھن تي دوستن رڙ ڪئي تہ ٻيلي وارو ڪريو. سو امام علي سان فون تي رابطو ڪيو، جنھن چيو تہ سمورن دوستن جا سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪليو، ڪليئرنس وٺان ۽ سڀاڻي اچجو. سو سڀني پنھنجي تجربن آھر چيو ته ُاتي سيڪيورٽي سببن جي ڪري ڪليئرنس ۾ ھفتو بہ لڳي وڃي ٿو، اسان کي اھا ڪلاڪن ۾ ملي تہ ڀلو ڪم ٿي ويندو، جنھن ڪري نمبر واٽس ايپ ڪري ڇڏياسين. ان دوران ھڪ ڪلاڪ بعد عمر ڪوٽ اچي ويو، جتي اسان کي تاريخي قلعو گھمڻو ھو. اتي نقشبندي صاحب جي دوست اشفاق مڱرئي آجيان ڪئي، جيڪو سڌو عمر ڪوٽ قلعي وٺي ويو، اتي گرمي ٿوري وڌيڪ محسوس پئي ٿي. پھريان ميوزيم وياسين، جتي تاريخي حوالا رکندڙ ھٿيار، تنھن دؤر جي بادشاھن جا خط ۽ ڪتاب ڏٺاسين. روزي جو ُٻڌي اتان جي ميزبانن شام تائين ترسڻ ۽ روزو کولڻ لاءِ زور ڀريو، پر اسانجو سنڌ جو ورھاڱو نامنظور جيان چٽو موقف ھو تہ روزو پاڪ ڀارت سرحدي ڳوٺ بچو جو تڙ ۾ کولينداسين، جتي ميزبان انتطار ڪري رھيا ھئا ۽ اتي درگاھ گل محمد شاھ غازي تي حاضري بہ ڀرڻي ھئي. اتي بيٺاسين تہ صحافي دوست علي مراد دل بہ اچي ويو، جنھن سان ڊگھي وقت بعد مختصر ڪچھري ٿي.
عمر ڪوٽ مان موڪلائي بچو جو تڙ لاءِ نڪتاسين، جيڪو ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڏاھليءَ ۾ آھي، جنھن کي پاڪ ڀارت يا ائين چئو تہ سنڌ ۽ ھند جي سرحد به قرار ڏين ٿا، ان جي ٻئي پاسي راجستان آھي. عمرڪوٽ مان نڪرندي ٽي ٿي چڪا ھئا، پڇڻ تي خبر پئي تہ اٽڪل ڏيڍ کان پوڻا ٻہ سئو ڪلوميٽر سفر ڪرڻو آھي، ڪار تيزي سان منزل طرف وڌي رھي ھئي، روڊ شاندار ھئا، ٿر ۾ لانگ روٽ وارا ڪيترائي روڊ ارباب رحيم جي دؤر ۾ ٺھيا. گاڏي جي َھل َھلان ھئي، رستي ۾ وڏي فاصلي تي ننڍا ننڍا ڳوٺ نظر پئي آيا. روڊ جي ٻنھي پاسن کان ٿري مارن کي پيرين پنڌ پنھنجي وٿاڻن ڏانھن ويندي ڏٺو، جن ۾ مرد، عورتون ۽ پوڙھا پڪا شامل ھئا، ان مھل سوچيم تہ ڪراچي ۾ مقامي مخلوق سڏائيندڙن کي ھتي پنڌ گھمائجي، پوءِ کين خبر پوندي تہ شھرن ۾ ڪيتري عياشي سان رھن ٿا. سفر دوران واريءَ جا دڙا جبلن جو ڏيک ڏئي رھيا ھئا. اٺ ۽ ٻيو مال آزاد طريقي سان چري رھيو ھو، ھاڻ سفر ٿڪائڻ شروع ڪيو، ويتر روزي سان ھئاسين، ان ڪري بہ ٿورو بک ۽ اڃ جو احساس ٿيو، پر سفر ھو جو کٽڻ جو نالو بہ نہ پئي ورتائين. الھڏنو مڱريو نالي شخص بشير صاحب سان لاڳيتو رابطي ۾ ھو تہ ڪٿي پھتا؟، سج لھڻ شروع ٿيو، ھڪ ھنڌ ماڻھو ۽ بازار نظر اچڻ تي ڪار روڪيسين، خبر پئي تہ ھيءَ کينسر نالي ڳوٺ جھڙو ننڍڙو شھر آھي. امين خاصخيلي ڪار مان لھي روزو کولڻ لاءِ احتياط طور پاڻيءَ جي بوتل ۽ پڪوڙا ورتا، ڇاڪاڻ تہ رستي ۾ روزو کلڻ جو وقت ٿيڻ جو امڪان ھو. وري اتان ھلياسين، اڳتي روڊ جي ھڪ پاسي اڇي ڏاڙھيءَ سان ھڪ شخص بيٺو ھو، ڪار روڪي کائنس بچو تڙ جو رستو پڇيوسين، چيائين تہ توھان ڪراچي مان اچو پيا؟ مختصر احوال ڪرڻ تي خبر پئي تہ اھو تہ اھو ئي اللہ ڏنو مڱريو آھي، جنھن ڏانھن وڃون پيا. ھاڻ سج مڪمل طور لھي چڪو ھو. ھن چيو تہ مون وٽ کارڪون آھن، روزو کوليو، اسان چيو تہ بندوست آھي، اڃا روزي ۾ 5 منٽ آھن، چيائين بابلا ھتي روزو ڪراچي واري وقت کان اڳ کلندو آھي، سو تڪڙ ۾ پڪوڙن کي سٽڪو ڏنوسين، پوءِ ھن موٽر سائيڪل تي ويھي چيو تہ توھان ڪار تي منھنجا پٺيان اچو، پڪي روڊ کان وارياسي رستي تي بہ ھو موٽر سائيڪل تي پڪي روڊ واري ھلت ۾ تيز ھلي رھيا ھئا، اسان واري پائلٽ مجاھد فقير بہ ڪم ِِڇڪيو، پر اڳتي ھڪ ڪار واريءَ ۾ ڦاٿل نظر آئي، مجبوري ۾ بيھڻو پيو. موٽر سائيڪل وارن ڪار کي ڌڪا ڏئي اڳتي وڌايو پر ايتري دير ۾ اسان واري ڀٽاري ڪار ڦاسي چڪي ھئي، سڀ لٿاسين، اڳيان پٺيان اسپيڊ ڏئي ڄڻ تہ ڌٻڻ مان نڪتاسين. 10منٽن کان پوءَ بچو جو تڙ پھتاسين، جتي ھر پاسي اوندھ ھئي، پر جتي اسان لاءِ کٽن تي بسترا وڇايل ھئا، اتي ھڪ گھٽ روشني جو بلب ٻري رھيو ھو، َپڪ سان سولر تي ھو، ڳوٺاڻن روايتي سنڌي طريقي سان ڀليڪار ڪرڻ بعد سفر بابت حال احوال ورتو، تڪڙ ۾ چانھ کڻي آيا، پري کان وڏي لائٽنگ نظر پئي آئي، پڇڻ تي ٻڌايائون تہ اھا پاڪ- ڀارت سرحد آھي. موبائلن تي نظر وڌيسين تہ سواءِ ٽيلي نار سروس جي ٻيا سڀ نو سگنل ھئا. ڪچھري زورن تي ھئي، رات جو نائين وڳي ماني تيار ٿي، سڀ گڏ ويٺاسين، ڇيلي جو گوشت، ماني، ڪڪڙ جا تريل پيس ۽ چانور ھئا، ماني کائڻ دوران سڀني سامھون ھڪ ھڪ گلاس لسيءَ جو بہ رکيو ويو، ڳوٺ جي اسڪول جي ماستر دوست علي مڱريي ٻڌايو تہ ٿر ۾ رات جي مانيءَ سان لسي ِضرور شامل ھوندي آھي. ماني کان فراغت بعد پراڻي ڳوٺاڻي انداز ۾ ھڪ نوجوان پاڻي جو ڪئنورو ڀري سڀني جا ھٿ ڌوئاريا، ٻيھر ڪچھري شروع ٿي.
احوال پڇڻ تي خبر پئي تہ ھو ان ڳوٺ ۾ ٽن پيڙھين کان رھن پيا، ٻڌايائون تہ 65ع واري جنگ ۾ پاڪ فوج موجودہ ڀارتي سرحد اورانگھي وئي ھئي، جڏھن تہ 71ع ۾ وري ڀارت مٺيءَ تائين قبضو ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ڀٽي صاحب ڇڏايو. ڪچھري دوران ڪنھن چيو تہ ھن مھل درگاھ گل محمد شاھ غازي ھلي سگھجي ٿو تہ جئين صبح جو تڪڙو نڪرجي. ڳوٺاڻن ھائوڪار ڪئي. ٿر جي روايتي ڇڪڙي نما گاڏي تي سوار ٿي نڪتاسين، اوندھ ھجڻ ۽ وارياسو رستو ھوندي بہ ڇڪڙو مرسڊيز جيان ھلي رھيو ھو، ھڪ ھنڌ چيڪ پوسٽ ھئي، رينجرز وارن روڪيو، ڳوٺاڻن جي تعارف ڪرائڻ تي اجازت ملي ۽ سڀ پاڪ ڀارت سرحد تي درگاھ گل محمد شاھ غازي پھتاسين.اتي پھچڻ سان موبائلن ۾ پاڪستاني ٽائيم اڌ ڪلاڪ اڳتي ٿي ڀارتي ٽائيم ۾ تبديل ٿي ويو، درگاھ تي حاضري ڀرڻ وقت رات جا ساڍا 11 ٿي رھيا ھئا، جنھن بعد 12 تائين واپسي ٿي، ٿڪل ھجڻ ڪري سڀئي سمھي پيا، وري صبح جو ساڍي 4 وڳي روزو رکڻ لاءِ اٿاريو ويو، روزو رکي ڀرواري مسجد عبداللہ ۾ فجر جي نماز پڙھيسين. مسجد مان نڪرندي سج جي روشني پکڙي چڪي ھئي، پوءِ الھڏني مڱرئي ِڀٽن جو سير ڪرايو، وارياسي رستن تي ھلڻ ڏکيو ھو، پر ٿر جو حسن ڏسڻ لاءِ اھو سڀ ڪجھ ڪيوسين، ڇا تہ موسم ھئي، نہ ڪراچي واري گدلاڻ ۽ نہ ئي وري ڪو مڇر ھو، رستي ۾ مور جا جلوا ۽ اُٺن کي کوھن مان رسن ذريعي پاڻي ڇڪيندي ڏٺوسين، واپس پھچي تيار ٿيڻ بعد ڳوٺ بچو جو تڙ مان خوبصورت يادون کڻي روانا ٿياسين، ان واعدي سان تہ آگسٽ ۾ برساتي مند ۾ ٿر جو حقيقي حسن ڏسڻ ضرور اچبو، اڳتي ھلي ڳوٺ لالو جو تڙ ۾ مختصر وقت لاءِ ترسيا سين، جتان اسلام ڪوٽ لاءِ نڪري پياسين.
اتان کينسر پھچي پوءِ ڇاڇري ۽ چيلھار واري پاسي کان اسلام ڪوٽ پھتاسين، جتي ٿرڪول گھمائڻ لاءِ ٿر فائونڊيشن ۾ مينيجر طور ڪم ڪندڙ امام علي ڏيٿو صاحب ڪليئرنس وٺي اسان جو انتظار ڪري رھيو ھو، ھن پنھنجي آفيس ۾ ٿرڪول بابت آگاھي ڏني. ٿرڪول گھمائڻ کان اڳ سڀني دوستن کي اجرڪ سوکڙي طور ڏنائين، پوءِ ٻن گاڏين ۾ سوار ٿي ٿرڪول جي بلاڪ 2 پھتاسين، رستي ۾ ٽن کان چئن ھنڌن تي گاڏي روڪي ڪنٽرول روم کان ڄاڻ بعد ڇڏيائون، ھڪ ڪلاڪ جي دوري دوران ڪوئلي جي کوٽائي، انجي مڪسنگ ۽ ٻيا مرحلا بہ ڏٺا، ان مھل پنھنجي ٿر جي قيمتي ھجڻ تي ناز ٿيو ۽ تاج حيدر جي اھا ريسرچ به ياد آئي ته ايشيا جو سڀ کان وڏو پاڻي جو ذخيرو ٿر جي زمين ھيٺان آھي، ٿرڪول بعد واپس امام علي جي آفيس آياسين، ھن مارئي اسپتال جو بہ دورو ڪرايو، مون جنيد انصاري بابت پڇيو تہ چيائين ھتي ئي آھي، پوءِ اھو بہ اچي پھتو ۽ گڏيل ڪچھري ٿي، اتان موڪلائي ننگر پار منھن ڪيوسين، جتي پھچي پھريان ڀالوا ۾ مارئي جي کوھ تي وياسين، جتي 2013 ۾ ٺھرايل ڪامپليڪس اجڙيل نظر آيو، تڪڙ ۾ اتان نڪري پھريان قديمي جين مندر وياسين، جتان ڪارونجھر جبل بہ شان شوڪت سان نظر پئي آيو، اھو منظر فوٽن ۾ محفوظ ڪيوسين ۽ پوءِ ٿوري فاصلي تي 1505 ۾ تعمير ٿيل تاريخي ڀوڏيسر مسجد نہ رڳو ڌٺيسين پر اتي نماز بہ پڙھي، اتان سڌو ھڪ ڄاڻ سڄاڻ واري وٽ روزو کولي، ڪارونجھر جبل پھتاسين پر ان وقت تائين رات ٿي چڪي ھئي، اتان سڌو وي ھـڱورجا ڳوٺ اچي نڪتاسين، اھو بہ ڊگھو سفر ھو، رات اتي ترسڻو ھو، وڻندڙ رات ۽ نج ڳوٺاڻو ماحول ھو، جتي پوليس آفيسر الھواريو ھڱورجو ميزبان ھو، جنھن سان ٿر جي امن ۽ روايتن بابت دير تائين ڪچھري ٿي، پوءِ روزو رکڻ لاءِ اٿياسين، فجر جي نماز پڙھي کٽن تي ويٺاسين تہ مال متاع ٻاھر نڪرڻ شروع ٿيو، مور تہ اڳ ئي نڪري آيا ھئا. ڪوھيڙو ايترو ھو جو ٻہ اڍائي سئو فوٽن بعد ڪجھ بہ نظر نہ پئي آيو، اتان موڪلائي مٺي آياسين، جتي مشھورَ گڊي ِڀت جو بہ ديدار نصيب ٿيو، جيڪو شاندار تفريح ھنڌ آھي، پر اتي اصل مزو رات وقت ھوندو آھي، ھتي اسان سان ڪم ابتو ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ڪارونجھر تي ڏينھن جو پھچڻو ھو، اتي رات ٿي وئي ۽ جتي رات جو وڃڻو ھو، اتي ڏينھن جو ھئاسين، بھرحال خير سان اتي ٿر جو دورو ختم ڪري نئين ڪوٽ ۽ بدين واري رستي کان پنھنجي شھر ڪراچي روانا ٿياسين، رستي ۾ انس حارب کان سندس شاعري ٻڌندا رھياسين ۽ روزو کولڻ کان ھڪ ڪلاڪ اڳ پھتاسين، مان گلستان جوھر ۾ لٿس، جڏھن تہ ٻي سنگت ماڙيپور ۾ پنھنجي گھرن ڏانھن ھلي وئي.