اڄڪلھ حسن درس طرفان پرينءَ جو پاڇو قرار ڏنل سنڌ امڙ جا مختلف قديمي شھر ۽ تاريخي ماڳ گھمڻ جو سٺو موقعو ملي رھيو آھي. ٽن ڏھاڪن کان صحافت سان لاڳاپيل ۽ اھو بہ وري ڊيسڪ تي ھجڻ وارو ماڻھو صفا محدود ٿي وڃي ٿو، ان ڪري جئين چوندا آھن تہ مولويءَ جي ڊوڙ مسجد تائين، سو پاڻ بہ گھر کان آفيس ۽ آفيس کان گھر جي ڊوڙ ۾ ورھيہ گذاري ڇڏيا، جنھن دوران ڪيتريون ئي حسين شامون ڪراچيءَ جي بند عمارتن اندر بلبن جي روشني جي نذر ٿيون، ٻاھر آسمان جي سيني تي ڀاڪر پاتل چمڪندڙ تارا اکين کان اوجھل رھيا، ائين رات جو ھڪ کان ٻہ وڳي گھر پھچڻ سبب ڏينھن جو وري دير تائين ننڊ، صبح جي حسين منظرن ۽ پکين جي ٻولين کان بہ محروم رکيو، ِانھن ٽنھي فطري لمحن يا ڪيفيتن تي شاعرن واھ جي طبع آزمائي ڪئي آھي، خاص طور شامن جو ِذڪر گھڻو ڪيو اٿن، جن کي ھنن حسين محبوب سان تشبيھ پڻ ڏني آھي، ان ڪري ماھتاب، آفتاب، خزان ۽ بھار شاعرن جا موضوع رھيا آھن. انھن خوبصورت لمحن کي پوئين ٻن سالن کان ڏسڻ جو اتفاق ان ڪري ٿئي پيو، جو گھر مان آن لائن ڪم ڪرڻ سبب زندگي جو وھنوار تبديل ٿي ويو آھي، ٽين چوٿين مھيني گھمڻ لاءِ ڪراچي کان ٻاھر پير ڪڍون ٿا، اھو سڀ ڪجھ پرين پياري دوست بشير احمد نقشبندي جي ڪري ممڪن ٿيو آھي، جيڪوصوفي مزاج سيلاني ھجڻ سبب بلوچستان، پنجاب ۽ ڪشمير تائين بہ ھليو وڃي ٿو. نقشبندي صاحب سان سفر تي وڃڻ کان اڳ اھو طئي ضرور ڪرڻو پوي ٿو تہ ٻن ڏينھن کان وڌيڪ نہ ترسبو. سائينءَ جو زور ھوندو آھي تہ گھٽ ۾ گھٽ ٽي چار ڏينھن ھجن. ھن ڀيري فون ڪري چيائين تہ ھلو تہ توھان کي ٿر وٺي ھلان. سندس چواڻي کيس ڪجھ عذرخواھيون ۽ ڪجھ درگاھن تي حاضري ڀرڻي آھي. چئن ڏينھن جو ٻڌي معذرت ڪئي تہ قبلا صحافين لاءِ ايترا ڏھاڙا ڪڍڻ مشڪل آھي. جنھن تي ھن زور ڀريو تہ تون ضرور ھلندين، اھڙي حجت سامھون ھٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا، ڇاڪاڻ تہ منھنجو پراڻو دوست آھي، اھو سندس وڏ پڻو آھي تہ ھو پنھنجي پير ھجڻ واري پروٽوڪول کان مونکي آجو رکندو آھي، باقي رستي واٽ ۾ ساڻس جيڪي ٻيا ملندا آھن، انھن جا منظر پيري مريدي وارا ھوندا آھن.
احوال اڳتي وڌائڻ کان اڳ سفر ۾ شريڪ دوستن بابت مختصر ٻڌائڻ ضروري آھي. ٿر جي دوري جو روح روان پير بشير احمد نقشبندي صاحب درگاه نياز نقشبنديه ٻڌني ڳوٺ ماڙي پور ڪراچي جو سجاده نشين آھي، جنھن کي ڪنھن دؤر ۾ صحافي ٿيڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو. نوي واري ڏھاڪي ۾ ھڪ اخبار ۾ گڏجي ڪم بہ ڪيوسين. سفر ۾ گڏ ٻيو دوست محمد امين خاصخيلي ھو، جيڪو اردو ميڊيا جو سينئر صحافي ۽ ليکڪ آھي. ٽيون ھمسفر فقير مجاھد علي محمد لاشاري ڪنڌڪوٽ مان َڪھي آيو، جيڪو ڪنھن دؤر ۾ ايئرفورس ۾ ملازم ھو. کِل ُڀوڳ، واقعا ٻڌائڻ ۽ ڪچھريءَ جو ڪوڏيو آھي، ھونئن بہ سفر ۾ ِکل ڀوڳ نہ ھجي تہ ڊگھو سفر صفا ڏکيو ٿي پوندو آھي. سفر ۾ شريڪ چوٿون، نوجوان انس نقشبندي مصطفائي عرف انس حارب ھو، جيڪو جتي مذھب ڏانھن لاڙو رکي ٿو، اتي وري اردوءَ ۾ سٺي شاعري بہ ڪري ٿو. اڄڪلھ وڌيڪ تعليم لاءِ مصر جي جڳ مشھور الازھر يونيورسٽي وڃڻ جي تياري ڪري پيو. آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي مڙھيل جنگ بعد وچ اوڀر جا سمورا ملڪ آمريڪا جي مدد جي ڪري ايران جي نشاني تي آھن. مصر ۾ تہ حڪومت ئي آمريڪا نواز ٺھيل آھي، ان ڪري شل جنگ جلد بند ٿئي. جيڪڏھن ڊيگھ ٿي تہ پاڪستان معاشي حوالي سان متاثر ٿيندو، ڇاڪاڻ جو اتي وڏي انگ ۾ پاڪستاني روزگار ڪن پيا.
25 فيبروري تي بشير احمد نقشبدي صاحب ۽ ذڪر ڪيل ٽئي دوست گڏجي صبح جو ستين وڳي ڪراچي جي قديمي علائقي ٻُڌني ڳوٺ ماڙيپور کان مون وٽ گلستان جوھر پھتا، شيڊيول اھو ھو تہ سڌو درگاھ گرھوڙي شريف تي حاضري ڀري اڳتي وڌبو، سو ڪراچي جي مختلف ڀڳل ٽٽل روڊن سبب سٺي ڪار ھوندي بہ ڌڪا ٿاٻا کائڻ واري انداز ۾ سپر ھاءِ وي پھتاسين. يونيورسٽي روڊ تي ورھين کان ھلندڙ ڪم باوجود روڊ نہ ٺھڻ ۽ زمين ھموار نہ ھجڻ ڪري ڪيترن ئي ھنڌن تي اسپيڊ بريڪرن ڪار جون رڙيون ڪڍرايون. جڏھن انس ڪار کي روڊ جي رھڙن کان نہ بچائي سگھيو تہ پوءِ مجاھد فقير کي پائلٽ واري سيٽ تي ويھارڻو پيو، جنھن گھڻي بچ بچاءَ جي ڪوشش ڪئي پر وري بہ ڪار کي ڪيترن ئي ھنڌن تي رھڙن کان نہ بچائي سگھيو. بھرحال سپر ھاءِ وي تي چڙھڻ بعد ڪار جي رفتار پريمي جوڙن جي گھرن مان نڪرڻ جھڙي ھئي. نوري آباد ويجھو ذھن ۾ خيال آيو تہ ڇو نہ مانواري ڊاڪٽر شير مھراڻي کي سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمين ٿيڻ تي مبارڪون ڏيڻ لاءِ حيدر آباد وڃجي؟ ھن ڀيري امين خاصخيلي بہ سفر ۾ گڏ ھو، ان ڪري ٻن ووٽن جي اڪثريت ھئي، پر ڇا ڪجي، 47 فارم جو دؤر آھي، اڪثريت کي ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ ۾ دير ئي نٿي لڳي. سنگت آڏو تجويز رکي تہ سڀني ان جي ائين تڪڙي منظوري ڏني، جئين قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ 27ھين ترميم جي ڏني ھئي. سو ڏيڍ ٻن ڪلاڪن جي سفر بعد سنڌي لئنگويج اٿارٽي وٽ بريڪ ھنئيسين. اٿارٽي پھچڻ تي ڊاڪٽر شير مھراڻي بيچيني سان انتطار ڪري رھيو ھو، جنھن جو سبب سندس ڪنھن ٻئي ھنڌ وڃڻ بہ ھو، پر جس ھجيس جو اسان کي وقت ڏيڻ ضروري سمجھيائين، گلدستو ڏيڻ ۽ فوٽو سيشن بعد کيس اجازت ڏنيسين تہ توھان ڀلي طئي ٿيل گڏجاڻي ۾ وڃو، پر وڃڻ کان اڳ اٿارٽي جي سيڪريٽري راز شاھاڻي صاحب کي گھرائي مختلف شعبا گھمائڻ جي ھدايت ڪيائين، جنھن اوپن ھال، ڊاڪٽر غلام مصطفي` قاسمي ريسورس لائبريري، مرزا قليچ بيگ ڪتاب گهر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال، سنڌو لکت ميوزيم ۽ سنڌي سيکارڻ واري ڪلاس روم جو دورو ڪرايو. ان دوران چانھ پاڻي جي بہ صلاح ڪئي وئي پر اسان سڀ روزي سان ھئاسين، ان ڪري اجازت وٺي اڳتي روانا ٿياسين.ھاڻ ايندڙ منزل عظيم صوفي بزرگ ۽ شاعر شھيد عبدالرحيم گرھوڙي شريف جي درگاھ تي حاضري ھئي، سو گرھوڙ شريف روانا ٿياسين، ان وچ ۾ ٽنڊي ڄام يونيورسٽي وٽان گذرڻ وقت بشير خان قريشي ۽ اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر رجب ميمڻ کي ساريوسين. ان کانسواءِ ٽنڊي الھيار ۽ پير پٿوري سميت سنڌ جي تاريخ بابت شاھدي ڏيندڙ ڪيترائي قديمي شھر آيا، جن مان ڪجھ ڏٺل ۽ ڪجھ وري ٻڌل ھئا. ميرپور خاص مان گذرياسين تہ سڀني دوستن ان جي خوبصورتي جي اھڙي نموني واکاڻ ڪئي، جئين ڪنھن حسين دلرباُ جي ڪئي ويندي آھي. درگاھ گرھوڙي شريف جي مک گيٽ جي ٻنھي پاسن کان گرھوڙي صاحب جي شاعري پڙھڻ وٽان ملي. اڱڻ کان مرقد تائين ڀتن تي گرھوڙي صاحب جا شعر سڀني جو ڌيان ڇڪائيندا ۽ پڙھڻ بعد واھ واھ ڪرڻ تي مجبور ڪندا رھيا، ڇاڪاڻ جو ھڪ ھڪ لفظ ۾ وڏي اونھائي سمايل ملي. اتي ھڪ وڏو قبرستان بہ ھو.
……………..(ھلندڙ)