| ڪراچيءَ ۾ ٿڌ ۾واڌ: پارو 12ڊگرين تي پهچندو: موسميات کاتو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 12 کان 14 ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 24 کان 26 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. هن وقت هوا ۾ گهم جو تناسب 63 سيڪڙو آهي. شهر ۾ اتر اوڀر کان 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُھلي رهيون آهن.