| ڪراچي:غير قانوني پلازائن جي اجازت ڪامورن ڏني: بلڊر به ذميوار: ايس بي سي اي جي جاچ رپورٽ |
ڪراچي(رپورٽ: شاھد ميراڻي) ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن ۽ ملوث ڪامورن خلاف سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر وجيلنس پاران تيار ڪيل انڪوائري رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف، مڪاني وزير پاران انڪوائري رپورٽ جو ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ نئين سِر انڪوائري جي هدايت، ايڊيشنل ڊائريڪٽر (آپريشن) نئين انڪوائري ڪاميٽي جو سربراهه مقرر، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي شهر سميت ٻين شهرن ۾ غيرقانوني طور تي اڏيل گهڻ ماڙ عمارتن ۽ انهن عمارتن جي اجازت ڏيندڙ ڪامورن جي نشاندهي لاءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر وجيلنس پاران ڪيل انڪوائري رپورٽ ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي حوالي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ته انڪوائري رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ ٺهيل غيرقانوني عمارتن جي اجازت ڏيڻ ۾ اداري جا آفيسر ۽ عملو ملوث آهي. رپورٽ ۾ بلڊرن کي پڻ ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. هوڏانهن مڪاني وزير ناصر شاھه انڪوائري رپورٽ هيٺ ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي بجاءِ ٻيهر انڪوائري جي هدايت ڪئي آهي. صوبائي وزير جي هدايتن بعد سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر آپريشن جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي نئين سِر انڪوائري ڪرڻ، اڳ ۾ ٿيل انڪوائري جو جائزو وٺڻ، غيرقانوني ٺهيل عمارتن ۽ ملوث ڪامورن توڙي عملي جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.