ڪراچي۾ ٻن ٿاڻن جي 2 موبائلن جا اي چالان: ايس پي ناراض

ڪراچي۾ ٻن ٿاڻن جي 2 موبائلن جا اي چالان: ايس پي ناراض

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سول لائين ۽ گذري ٿاڻن جي 2 پوليس موبائلن جا اي چالان ٿي ويا، ٻنهي موبائلن جي ڊرائيورن کي سيٽ بيلٽ ٻڌل نه هئا، کين 15_15 هزار جا چالان جاري ڪيا ويا. ايس ايس پي سائوٿ مهزور علي ٻنهي ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي خط لکي ڊرائيورن جا تفصيل گهري ورتا، خط ۾ ڄاڻايو ويو ته پوليس موبائلن کي ڪير ڪير هلائي رهيا هئا؟ انهن جا تفصيل ڏنا وڃن، ڊرائيورن کي سختي سان پابند ڪريو ته اهي چالان ڀري رسيدون ايم ٽي برانچ ۾ جمع ڪرائين.