| ڪراچي۾ ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي بسون هلائڻ جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي کان ڊبل ڊيڪر بسون ۽ نيون اي وي بسون روڊن تي آڻڻ ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ييلو لائين ۽ ريڊ لائين، اي وي ٽيڪسي شروع ڪرڻ ۽ پنڪ اسڪوٽيز اسڪيم جي ٻئي مرحلي بابت آگاھي ڏني وئي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اميد آھي ته ڊبل ڊيڪر بسون ۽ اي وي بسون ايندڙ ھفتي ڪراچي پھچي وينديون، اُنھن جا نوان روٽس به شروع ڪيا پيا وڃن. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ ھلندڙ مالي سال دوران 500 وڌيڪ بسون خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، ھن چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽ شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، هن چيو ته تاج حيدر پُل جي ٻئي حصي جو ڪم جلد شروع ٿيندو،